خانپور (رپورٽ: عاصم دايو) خانپور ويجهو ڪوٽ شاھو جي ڪچي ۾ ايس ايس پي شڪارپور ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر جي اڳواڻي ۾ آپريشن دوران 2 بدنام ڏوھاري باغ علي بڊاڻي جتوئي ۽ مصري بڊاڻي جتوئي کي مارڻ جي ٻي ڏينهن پوليس تصديق ڪئي آهي، پوليس موجب ڪچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران ٻن ڏوھاري مارجڻ سميت بدنام ڏوھاري علي مراد بڊاڻي جتوئي عبدالجبار جتوئي، غلام مصطفيٰ جتوئي، راحب جتوئي ۽ علي مردان بڊاڻي چتوئي پڻ زخمي ٿيا آھن، آپريشن دوران ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي باھيون ڏئي ساڙيو ويو آهي، مارجي ويل ڏوھارين ۽ زخمي ٿيلن کي ساٿي کڻي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن، ايس ايس پي شڪارپور وڌيڪ چيو ته اسان ڪچي جو ڪافي علائقو ڏوھارين جي قبضي مان ڇڏائي ورتو آهي جتي پوليس جون پڪٽون قائم ڪيون آھن. ٻن مھينن کان ڳڙھي تيغو ۽ ڪوٽ شاھو جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرس جي وڏي نفري بڪتربندگاڏين ۽ جديد مشينري سان گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن دوران 20 ڏوھاري مارجي ويا آھن جڏهن ته 70 ڏوھاري زخمي ٿيا آهن.