خانپور/رستم(نمائندن وٽان) خانپور ويجهو  فيضو لاڙي ڀرسان مسافر وين کان ڦر لٽ واري معامري تان ھڪ رينجرز اھلڪار ۽ 4 ڳوٺاڻن جي زخمي ٿيڻ واري معامري جي خانپور ٿاڻي تي رينجرز شجراع لاڙو انچارج محمد اقبال جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ملنگ پٽ داد محمد عرف دادو سعد خاناڻي، منظورپٽ ميرسعد خاناڻي، دائم پٽ سليمان سعد خاناڻي جتوئي ۽  ٽي نامعلوم ڄاڻايا ويا آهن، ڪيس 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو،  فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته مان پنهنجي اسٽاف سان گڏ روڊ تي گشت لاءِ نڪري فيضو اسٽاپ تي پھتاسين ته ملنگ گينگ جا 6 ھٿياربند مسافر گاڏين کان ڦرلٽ ڪري رھيا ھئا جنهن دوران جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ ۾ اهلڪار ھريش ڪمار کي گولي لڳي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي چار ڳوٺاڻا جمعو پھوڙ، اشفاق پھوڙ، سيوريج باگڙي ۽ ثمير شر به اسپتال داخل آهن.جڏهن ته پيارو جتوئي ۾ ڏوھارين خلاف پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل طور آپريشن ھلندڙ آھي.ٻي طرف جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور پوليس پاران رينجرس سان گڏجي 10 کان وڌيڪ بڪتربند گاڏيون ۽ 50 کان وڌيڪ پوليس موبائلن تي سوار ٿي 4 کان وڌيڪ ھيوي مشين ساڻ ڪري ڳوٺ پيارو خان سعدخاناڻي ۽ چمن سکپور واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو، علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڳوٺ مان ھڪ جوابدار بلاول سعدخاناڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد ساڳئي ڳوٺ مان 10 مينھون ھٿ ڪري ورتيون، وڌيڪ ڪارروائي ڪندي ڳوٺ چمن سکپور ۾ مبينا جوابدار بگن سعدخاناڻي جي گھر ۽ اوطاق کي باھ ڏئي ساڙيو ويو.جڏهن ته ڳوٺ پيارو خان سعدخاناڻي ۾ آپريشن دوران پوليس گھر گھر تلاشي ڪرڻ بعد جوابدار ھٿ نه اچڻ ڪري سعدخاناڻي دائم سعدخاناڻي منظور سعدخاناڻي سميت ڏھ کان وڌيڪ ماڻهن جا ٿاڪ باھ ڏئي ساڙي ڇڏيا.