خانپور (ن پ ا) خانپور ويجهو ڪارنھن تڪرار تان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، فائرنگ ۾ 2 ڳڀرو نوجوان قتل، هڪ زخمي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ، ڌرين جي تڪرار ۾ 50 ماڻهو مارجي چڪا، فيصلو ٿيڻ باوجود ڌرين عمل نه ڪيو، تفصيل موجب ڳوٺ حبيب جتوئي ۾ ڪمالاڻي جتوئي ۽ عطراڻي جتوئي ڌرين ۾ 2 سال اڳ شروع ٿيل ڪارنھن جي  پراڻي تڪرار ۾ ٺاپر نه اچي سگھي، ڪالهه ڪمالاڻي جتوئي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ 2 ڳڀرو نوجوان علي بخش پٽ متيرو عطراڻي جتوئي ۽ ياسين عرف بچايو پٽ پتاشو عطراڻي جتوئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ڪمالاڻي جتوئي ڌر جو ھڪ ڄڻو شبير ڪمالاڻي جتوئي زخمي ٿي پيو، ڌرين ۾ ڪيتري ئي دير تائين فائرنگ ھلندي رھي، فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ علائقي واسي گھرن تائين محدود ٿي ويا، اطلاع تي رستم پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش خانپور اسپتال کڻائي آئي، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، وارث عورتن جو چوڻ ھو ته ڪارنھن تڪرار ھلندڙ آھي، اسان پنھنجي گھرن ۾ ويٺا هئاسين ته ڪمالاڻي جتوئين حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اسان جا 2 نوجوان مارجي ويا آهن، ڌرين ۾ تڪرار تان هن وقت تائين عورتن ۽ ٻارڙن سميت 50 کان وڌيڪ ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، جتوئين جي سردار فتح محمد جتوئي ۽ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي وٽ فيصلو به ٿي چڪو آهي پر ڏنڊ جون رقمون ادا نه ٿيڻ سبب فيصلي تي عمل نه ٿي سگھيو ۽ تڪرار ھلندو رھي ٿو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.