خانپور واسي مغوي تي تشدد: وڊيو وائرل: 40 لک ڀنگ طلب

0
33
خانپور واسي مغوي تي تشدد: وڊيو وائرل: 40 لک ڀنگ طلب
خانپور واسي مغوي تي تشدد: وڊيو وائرل: 40 لک ڀنگ طلب

خانپور (رپورٽ: عاصم دايو ) خانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ سخي بخش لھر جو رھواسي چنگچي رڪشو ھلائيندڙ پورھيت انور علي لھر کي ڏيڍ مھينو اڳ پنهنجي  ڳوٺ ويندي دکو ڳڙھي لنڪ روڊ سوئي گئس پوليس پڪٽ وٽان نامعلوم ھٿياربندن اغوا ڪيو ھو،  ڌاڙيلن تشدد واري وڊيو وائرل ڪري چاليھه لک ڀنگ وارثن کان طلب ڪيو ھو،  انورعلي لھر جي وارث عورتن مسمات گرھ بيبي ۽ معصوم ٻارن ياسر لھر سڪندر لھر زينل لھر فرحانا لھر  پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته غريب آهيون، ڀنگ جي رقم ادا نه ڪري سگهنداسين، ڌاڙيل انور علي کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.