خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر وچ شهر ۾ موبائيل مارڪيٽ ڀرسان شفاقت آرائين جي پيتين، فرنيچر ۽ ڪراڪري جي دوڪان کي اچانڪ باھ وڪوڙي وئي، ڏسندي ئي ڏسندي باھ سموري دڪان ان جي پٺيان گودامن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، باھ لڳڻ ڪري دڪان ۾ پيل سمورو سامان جنهن ۾ پيتيون، فرنيچر، برتن،بيڊ، فوم ،سائيڪلون، ڪيش رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو ۽ دڪان جي ڇت پڻ ڪري پئي، واقعي بعد شهري وڏي تعداد ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جنهن بعد شهرين توڙي خانپورمهر ۽ گهوٽڪي جي فائربرگيڊ گاڏين ستن ڪلاڪن جي مسلسل ڪوشش بعد باھ تي ضابطو آڻي ورتو، ٻڌايو پيو وڃي ته دڪان تي ڪم ڪندڙ هڪ پورهيت ملازم ڳوٺ خدابخش مهر واسي نوجوان عالم خان مهر ولد نور خان مهر باھ لڳل دڪان اندر ملبي هيٺان دٻيل هو، وارثن ۽ شهرين مسلسل 9ڪلاڪن جي ڳولا بعد پورهيت جو لاش ڪڍي ورتو، دڪان ملڪ جي ڀائيٽي علي رضا آرائين ۽ ڀاڻج زين آرائين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين دڪان ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو باھ لڳي وئي. خبر ناهي ڪيئن باھ لڳي آهي باھ لڳڻ سبب سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي، دڪان ۾ پيل هڪ ڪروڙ روڪ رقم سميت لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ رپين جي ماليت جو نقصان ٿيو آهي مدد ڪئي وڃي، هوڏانهن باھ لڳل دڪان ۾ ملبي هيٺان دٻيل ملازم کي ريسڪيو ڪرڻ جو عمل جاري آهي،آخري اطلاعن تائين دڪان کي باھ لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ملبي هيٺان دٻيل ملازم ملي سگهيو آهي.