خانپور مھر (ن پ ا) خانپور مھر پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو، ھٿياربند ٻه موٽرسائيڪلون ڇڏي پيادل فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ خانپور مھر پوليس معمول جي چڪاس دوران ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل سوار ٻن ھٿياربندن پوليس پاران روڪڻ تي اهلڪارن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ دوران جوابدار فرار ٿي ويا. خانپورمھر پوليس موجب ھٿ آيل ٻئي موٽرسائيڪلون اصل مالڪن جي حوالي ڪيون وينديون.