خانپورمهر(ن پ ا) خانپورمهر لڳ شاهپور مهر جي علائقي ڳوٺ علي شير مهر ۾ ڳوٺاڻي ارباب علي مهر، خان محمد مهر، وزير علي مهر  جي گهرن کي اچانڪ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھه وڪوڙي وئي، باھه لڳڻ ڪري گهرن ۾ پيل کٽون، بسترا، اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته باھه سبب 3 سالا نينگر حسين بخش مهر  سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي گھوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، باھه واقعي بعد ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻي ورتو، ڳوٺاڻن موجب باھه سبب سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون واهر ڪئي وڃي.