خانپورمهر(ن پ ا) خانپورمهر ويجهو شاهپورمهر واري علائقي ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان 2 ڀائر قتل، ان ڏس ۾ خانپورمهر ٿاڻي جي حد شاهپورمهر واري علائقي جي ڳوٺ ڦلو فقير مهر ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ دوران اميد علي ۽ علي گل مهر ولد الهوسايو مهر مارجي ويا، اطلاع ملڻ تي شاھپور مھر چوڪي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر اهلڪارن کي ويجهو نه اچڻ ڏنو ويو، جنهن بعد خانپورمهر مان پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي، لاش چئن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا، خانپورمهر پوليس ڪوششون وٺي چئن ڪلاڪن بعد لاش تحويل ۾ وٺي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال پهچايا، ايس ايچ او اصغر علي اعواڻ ٻڌايو ته مارجي ويلن جا وارث نه هئا،صرف عورتون هيون وارث خيرپور مان جيئن پهتا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايا آهن، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا، وارثن ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي