خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، خبر موجب خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمال خان بوزدار ۾ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين وچ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان عبدالوحيد عرف وقار بوزدار ولد گل بوزدار مارجي ويو، اطلاع تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي شهزور گاڏي وسيلي لاش تعقله اسپتال خانپورمهر پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود مقتول جي وارثن ڀاءُ عاشق علي بوزدار، ڪاشف بوزدار، امڙ حضوران بوزدار مائي شاهه گل ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، عبدالوحيد عرف وقار بوزدار پنهنجي امڙ جو علاج ڪرائي گهر واپس موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ڪنڊير شاخ وٽ ھٿياربند کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، مخالف ڌر جي جوابدارن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، خانپورمهر پوليس موجب، واقعو ڌرين ۾ پراڻي تڪرار سبب پيش آيو آهي، 2022ع ۾ خانزادو بوزدار قتل ٿيو هو، جنهن جي پلاند طور هي نوجوان قتل ٿيو آهي، وڌيڪ معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.