خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپور مهر ويجهو شادي تقريب ۾ ويل نينگر گولي لڳڻ سبب قتل، گهر ۾ ڪهرام، خبرموجب ڳوٺ شير مهر ۾ شادي جي تقريب ۾ ويل خانپور مهر واسي 16 سالن جو نينگر شمن علي مهر ولد ممتاز مهر مبينا فائرنگ دوران گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي کي وارث گهوٽڪي اسپتال کڻائي آيا، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، وارثن ٻڌايو ته نينگر شادي تقريب ۾ ويو هو، جتي کيس گولي لڳي، هوڏانهن گهوٽڪي اسپتال مان نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته خبر ناهي پئي ته نينگر کي ڪيئن گولي لڳي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.