شڪارپور/خانپور (رپورٽ وحيد بروھي- عاصم دايو ) خانپور ويجهو رحيم آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ صدورو پنھور جي معصوم نياڻي 8 سالا سيما ڌي شيرل پنھور جوابدار بلاول پٽ ملان شر مبينا زيادتي جوشڪار بڻائي ڇڏيو، معصوم نياڻي رتو رت ٿي وئي، رحيم آباد پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائيندي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ معصوم نينگري کي خانپور ٿاڻي تي آندو ويو، جتي اين سي داخل ڪرائي ليٽر وٺي معصوم نياڻي سيما کي شڪارپور سول اسپتال پھچايو ويو، جتي ليڊي ڊاڪٽر پاران  نياڻي جو علاج  نه ٿيڻ ڪري وارث مايوسي واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

 واقعي خلاف وارثن جو احتجاج، انصاف جي گهر

خانپور/شڪارپور :زيادتي جو شڪار ٿيل معصوم نياڻي سول اسپتال شڪارپور ۾ زير علاج نياڻي جي طبيعت خراب زيادتي جو شڪار بڻيل معصوم نياڻي سيما  جي وارثن پيءُ شيرل پنھور ممتاز پنھور علي بخش پنھور ۽ ٻين شڪارپور اسپتال ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا کي دانھيبدي الذام لڳايو ته اسان جي نياڻي سيما جيڪا گھران ٻاھر شي وٺڻ وئي ھئي جنهن  کي جوابدار بلاول پٽ ملان شر اسان جي نياڻي کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي اسان اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو پر رحيم آباد پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائيندي ڪيس داخل نه  ڪيو اسان خانپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ليٽر وٺي شڪارپور اسپتال نياڻي کي پھچايو آهي اسان جي معصوم نياڻي سان ظالم ظلم ڪيو آهي  ھنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو آهي  ته اسان جي معصوم نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ـ

 

نينگري کي اسپتال موڪليو آهي، وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل  ڪنداسين: خانپور پوليس

خانپور /شڪارپور: خانپور پوليس جو چوڻ آهي  ته وارث نينگري کي کڻي آيا اسان ليٽر ڏئي شڪارپور اسپتال نينگري کي  ميڊيڪل چڪاس لاءِ لاءِ موڪليو آهي وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو  نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتاري ڪيو ويندو.

ليڊي ڊاڪٽر ناهي آئي، جئين آئي ته چڪاس بعد تصديق ڪري سگھجي ٿي: اسپتال عملو

خانپور/شڪارپور: شڪارپور اسپتال جي عملي جو چوڻ آهي  ته ڊاڪٽرياڻي اچي ته ٻارڙي جي چڪاس کان پوءِ تصديق ڪري سگھجي ٿي ۽ نينگري جا جزا ليبارٽري پڻ موڪليا ويندا .

جتي واقعو پيش آيو آهي،  اھا حد خانپور ٿاڻي جي آهي: رحيم آباد پوليس

خانپور/شڪارپور: رحيم آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  ڄاڻايل ڳوٺ اسان جي حد ۾ آهي  پر جتي واقعو پيش آيو آهي  اھا حد خانپور ٿاڻي جي آهي.