خانپور (ن پ ا) رورل ھيلٿ سينٽر خانپور ۾ اوپي ڊي بلاڪ، آپريشن ٿيٽر، ايمرجنسي بلاڪ سميت ڊاڪٽرن جي رھائشي واري عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، برساتن سبب عمارت زبون حال بڻجي وئي هئي، اسپتال جي مرمت نه ٿيڻ سبب مريضن کي علاج ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ان حوالي سان شھر جي رھواسين غلام قادر بروھي، عاطف دايو، پرويز احمد، محمد سليم، نھال ڀنڀرو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته اسپتال جي بلڊنگ جو رھيل ڪم جلد مڪمل ڪرائي ڏنو وڃي. ٻي طرف پي پي ايچ آءِ ايڊمنسٽريٽر مربوب ڀٽي ٻڌايو ته اسپتال جي تعميراتي ڪم لاءِ ڏيڍ ڪروڙ جو ٽينڊر منظور ڪرايو ٺيڪيدار کي ڇھن مھينن ۾ ڪم پورو ڪرڻو ھيو پر سال گذري ويو آهي، ڪم پورو ناھي ٿيو، ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو آهي.