خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر پوليس ھٿان بربريت جو نشانو بڻيل نوجوان وجي ڪمار ميگھواڙ واري واقعي خلاف  خانپورمھر جي ميگھواڙ برادري پاران شٽربند ڪري ريلي ڪڍي پنج گلي چؤڪ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاھرين درشن لعل، مھيش ڪمار، ھرکو لعل، لال چند، ڊاڪٽر امر لعل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سون جي تعداد ۾ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي خانپورمھر پوليس ۽ بااثرن خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته ٻه ڏينھن اڳ بااثرن بچا رام، امبريش ڪمار ۽ ٻين وجي ڪمار ميگھواڙ مٿان ناريءَ کي حراسان ڪرڻ جو ڪوڙا الزام ھڻي گرفتار ڪرايو ۽ خانپورمھر پوليس کي رشوت ڏيئي پنھنجي موجودگيءَ ۾  نوجوان کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هنن جو چوڻ هو ته سخت پوليس تشدد سبب نوجوان ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آھي. جيستائين ملوث اھلڪارن ۽ بااثرن سميت پنجن ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل نٿي ڪئي وڃي تيستائين احتجاج جاري رھندو. ھوڏانھن پوليس تشدد جو نشانو بڻيل وجي ڪمار ناريءَ کي حراسان ڪرڻ واري الزام کي رد ڪندي چيو ته هو بيگناهه آهي، انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻي ويٺل ماڻھن احتجاج ختم ڪري اڄ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو.