خانپورمھر (ن پ ا) خانپورمھر ويجھو ڳوٺ لنڊي ٽوڙي ۾ ٽي ڏينھن اڳ ڪارنھن تھمت مڙھي گوليون ھڻي قتل  ڪيل ناريءَ جي ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار رفيق پنھيار کي خانپورمھر پوليس گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گشت دؤران ڳجھو اطلاع ملڻ تي جوابدار رفيق پنھيار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پستول ۽ گوليون پڻ هٿ ڪري ورتيون آھن. خانپورمھر پوليس گرفتار جوابدار مٿان 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. واضح رھي ته4 ڏينھن اڳ جوابدار رفيق پنھيار پنھنجي سڳي سؤٽ سائره پنھيار کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو. پوليس سرڪاري فرياد تي ڪارنهن جي ايف آءِ آر رفيق پنھيار ۽ ناريءَ جي والد رياض پنھيار مٿان داخل ڪئي ھئي.