خانپورمهر(رپورٽ: خادم قاضي) ٿر واري علائقي هيکل پٽ ۾ گذريل رات هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل گلشير ڪورائي، نينگر گل مير ڪورائي، مسمات اختياران ۽ مسمات شريفان ڪورائي جا لاش 8 ڪلاڪن بعد تعلقه اسپتال خانپور مهر پهچايا ويا، خانپورمهر ۽ مبارڪپور پوليس وچ ۾ حد بندي جي تڪرار سبب لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جنهن بعد خانپورمهر پوليس ۽ وارثن مقتولن جا لاش مزدا ٽرڪ تي کڻائي تعلقه اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جي وارثن جعفر ڪورائي، رياض ڪورائي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو لولائي ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، لولائي هٿياربندن الهجوايو ڪورائي جي گھر تي حملو ڪري ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي قتل ۽ هڪ نينگر ممتاز ڪورائي کي زخمي ڪيو، هنن چيو ته اسين اصل مريد شاخ جا آهيون، ڪافي سالن کان هيکل پٽ واري علائقي ۾ ويٺل آهيون، وارثن موجب حملو ڪندڙ ڌاڙيل آهن، جن اسان سان ظلم ڪيو آهي، هنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن گل حسن لولائي نالي هڪ جوابدار 4 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، وڊيو ۾ گل حسن لولائي جو چوڻ آهي ته خانپورمهر ويجهو گذريل رات چئن ڄڻن کي اسان قتل ڪيو آهي، الهجوايو ڪورائي سندس ساٿين سان گڏجي منهنجي ڀاءُ مينهل کي چوڪ سميتو وٽ وين مان لاهي  قتل ڪيو هو، الهجوايو ڪورائي منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي اچي خانپورمهر واري علائقي ۾ ويٺو، اسان پنهنجي ڀاءُ جو پلاند ڪيو آهي، آئون رائونتي ڪچي جو آهيان، ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز  بعد مڙهه مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي گهوٽڪي خانپور مهر ٿاڻي جي ايس ايچ او ڪفايت ناريجو کي هٽائي قادر بخش شر کي ايس ايچ او مقرر ڪري ڇڏيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي هئي.