خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ۾ غربت سبب پورهيت هندو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي مهرو واھ ڀرسان ميگھواڙ محلي واسي درزڪو ڪم ڪندڙ نوجوان سورج ڪمار ميگهواڙ گھر اندر ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب ته نوجوان سورج ڪمار جو لاش صبح جو گهر جي ڪمري مان مليو، اطلاع تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان غربت سبب پريشان هو، جنهنن ڪري ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.