خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر  ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صابر مهر، ذاڪر مهر، شڪور نوناري، اسرار سيال، علي اڪبر ، رحمت سيال، نور محمد مهر ۽ ٻين چيو ته ٽيسٽ پاس ڪئي پر ان باوجود هن وقت تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، هنن چيو ته اسان سڀ خانڳڙھه تعلقي جا 40 پلس مارڪون کڻي آيا آهيون، پر ميرٽ باوجود نظر انداز ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ٻين تعلقن اٻاوڙو، ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو ۽ گهوٽڪي جي 40 پلس مارڪن وارن اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.