خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر  ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صابر مهر، ذاڪر مهر، ٻاجهي لاشاري، عبدالشڪور نوناري، اسرار سيال، الهڏتو چنو ۽ ٻين چيو ته 2021ع ۾ آءِ بي اي طرفان ورتل پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود هن وقت تائين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، هنن چيو ته حڪومت پاران اعلانيل 40 پلس مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن، اميدوارن جو چوڻ هو ته سڀ خانڳڙھه تعلقي جا 40 پلس مارڪون کڻي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر اسان کي آفر آرڊر کان محروم رکيو ويو آهي، هنن آفر آرڊر ڏيڻ جي گهر ڪئي.