خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙي پکڙجي وئي، معصوم نينگري ارڙي وگهي فوت، خبر موجب ڳوٺ سومر ملڪ ۾ 8 سالن جي اختياران ڌيءُ محمد يوسف ملڪ ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، نينگري جي چاچي اڪرم ملڪ ٻڌايو ته سندن نينگري ٻن هفتن کان ارڙي ۾ مبتلا هئي، اسان جي ڳوٺ ۾ ارڙي جو مرض پکڙجڻ ڪري ڪافي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي بستري ڀيڙو ٿي ويا آهن، هفتو اڳ به ارڙي وگهي هڪ نينگري حياتي وڃائي ويٺي آهي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور صحت کاتي جون ٽيمون ڳوٺ ۾ اماڻي مرض تي ضابطو آندو وڃي.