خانپورمهر ۽ ٻين هنڌن تي پير پاڳاري مريدن کي زيات ڪرائي

0
21
خانپورمهر ۽ ٻين هنڌن تي پير پاڳاري مريدن کي زيات ڪرائي
خانپورمهر ۽ ٻين هنڌن تي پير پاڳاري مريدن کي زيات ڪرائي

خانپورمهر (ن پ ا) حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو روحاني سفر جي سلسلي ۾ مريدن پاران ڏنل دعوتن تي خانپورمهر واري علائقي ۾ پهتو، پير پاڳاري مختلف هنڌن تي پهچي خاص دعا ڪئي، پير پاڳارو خانپورمهر ويجهو سردارڳڙھ، ڪرڙو پٽ، خانپورمهر شهر، ڳوٺ نظام الدين مهر ۽ ٻين هنڌن تي پهچي مريدن جي ڏنل دعوتن ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پير پاڳاري مريدن کي ديدار ڪرايو ۽ خصوصي دعا پڻ گهري، پير پاڳاري جي آمد کان اڳ جماعت پاران شاندار انتظام ڪيا ويا هئا، دعوتن وارن هنڌن کي سينگاريو ويو، جڏهن ته پير پاڳاري جي آمد دوران سيڪيورٽي جا انتظام حر جماعت پاڻ سنڀاليا.