خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر ويجهو ريگستاني علائقي هيکل پٽ مان پسند شادي تان پلاند ۾ مبينا اغوا ٿيل 2 ڀينرون بازياب نه ٿيون، نارين جي اغوا جو 11جوابدارن خلاف ڪيس داخل، خبرموجب ريگستاني علائقي هيکل پٽ مان پسند پرڻي تان پلاند ۾ مبينا طور اغوا ٿيل ٻن ڀينرن حميدهه ۽ جميعت مهر جو ڪيس خانپورمهر ٿاڻي تي سندن والد غلام محمد مهر جي فرياد تي چونڊڪو واسي ابڙا ڌر جي 7 سڃاتل ۽ 4 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ الطاف ابڙو، ابراهيم ابڙو، ايوب، غني، شبيرو، اڪبر، علي نواز ابڙو ۽ چئن نامعلومن کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته ٻه مهينا اڳ سندس پٽ محمد حنيف مهر چونڊڪو واسڻ ناري مسمات جُمن ڌيءَ امداد ابڙو سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن تان جوابدار الطاف وارا ناراض هئا، ڄاڻايل جوابدارن رات جي وقت گهر تي ڪاھ ڪري پٽ دلاور، منير ۽ مريد مهر کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪرڻ بعد ٻن ڌيئرن کي اغوا ڪيو، هوڏانهن ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس نه جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ نه ئي نارين کي بازياب ڪرايو آهي.