خانپورمهر(ن پ ا) خانپورمهر لڳ شادي شده عورت پراسرار نموني فوت، وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، خبر موجب خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سونو پتافي ۾ شادي شده عورت پنج ٻارن جي ماءُ مسمات گلزاران زال امام بخش سومرو پراسرار نموني فوت ٿي وئي، اطلاع ملڻ تي خانپورمهر پوليس ۽ سندس وارثن واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي خانپورمهر جي تعلقه اسپتال پهچايو ،جتان پوسٽ مارٽم لاءِ عورت جو لاش گهوٽڪي سول اسپتال نيو ويو، گهوٽڪي اسپتال مان عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اسپتال ٻاهران فوتي عورت جي وارثن والد ٺارو سومرو، ڀاءُ راحب سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو الزام هنيو ته اسان جي نياڻي کي پنجن ٻارن جو اولاد آهي کيس سندس مڙس امام بخش سومرو گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جوابدار مڙس اسان جي نياڻي مٿان تشدد ڪندو رهندو هو کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد پاڻ فرار ٿي ويو آهي، جوابدار مڙس اسان جي نياڻي کان ٻي شادي جي اجازت به گهرندو هو، جنهن تي هو اسان جي نياڻي تي تشدد ڪندو هو ۽ ٻي شادي جي اجازت نه ڏيڻ تي نياڻي کي قتل ڪيو آهي، جوابدار ڌر ڊرامو رچائي رهي آهي ته اسان جي نياڻي خودڪشي ڪئي آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي خانپورمهر ٿاڻي جي وڏي منشي اصغر لغاري ٻڌايو ته فوتي عورت جي وارثن اسان کي اطلاع ڏنو ته اسان جي عورت کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن بعد اسين عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد عورت جي موت جو  اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا، وڌيڪ معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.