خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر ويجهو پراڻي دشمني تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، گهر ڌڻي جو نوجوان پٽ، سندس گهر واري، ننهن ۽ معصوم ٻالڪ قتل، واقعي بعد هٿياربند فرار، پوليس ۾ حد بندي جو تڪرار، لاش کڄي نه سگهيا، خبر موجب خانپور مهر ويجهو ٿر واري علائقي هيکل پٽ ۾ ھٿياربندن الهجوايو ڪورائي جي گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ گهر ڌڻي جا 2 پٽ، سندس گهرواري ۽ نهن قتل ٿي ويا، مارجي ويلن ۾ الهجوايو ڪورائي جو نوجوان پٽ گلشير ڪورائي، 12 سالا پٽ گل مير ڪورائي، سندس گهرواري مسمات اختياران ۽ ننهن مسمات شريفان ڪورائي شامل آهن، جڏهن ته گوليون لڳڻ ڪري سندس ڀاڻيجو ممتاز ڪورائي زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهتا جن زخمي کي تعلقه اسپتال خانپورمهر آندو، هوڏانهن خانپور مهر ۽ مبارڪپور پوليس وچ ۾ حد بندي جي تڪرار سبب مقتولن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل هئا، رابطو ڪرڻ تي خانپورمهر ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته واقعو اسان جي حد ۾ پيش ناهي آيو، دادلغاري يا مبارڪپور ٿاڻي جي حد ٿي سگهي ٿي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، هوڏانهن مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ ٻڌايو ته واقعو اسان جي حد ۾ پيش ناهي آيو، خانپورمهر ٿاڻي جي حد آهي، ڳوٺاڻن موجب واقعو ڪورائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پيش آيو.