خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر لڳ جوابدارن گهر تي حملو ڪري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، سندس گهر واري مرڻينگ، پيرا کنيا ويا، ڪجهه شڪي گرفتار، خبر موجب ڀاڳسر واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن اڪيلو گهر اڏي ويٺل ڳوٺاڻي جي گهر تي حملو ڪري گهر ڌڻي مولا بخش مهر کي لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مزاحمت تي سندس گهر واري تاجان کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، رڙين تي پاڙيوارن پهچي زخمي عورت کي کڻائي خانپورمهر جي اسپتال پهچايو، جتان نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو، مارجي ويل ڳوٺاڻي جو لاش 6 ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيو، جنهن کانپوءِ وارث ايمبولينس ذريعي مڙهه اسپتال کڻائي آيا، مقتول جي وارثن سلطان مهر، امير بخش مهر ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن گهر تي حملو ڪري گهر اندر داخل ٿي مولا بخش مهر کي قتل ڪري ڇڏيو، نوٽيس وٺي جوابدارن جي ڳولا ڪئي وڃي ۽ کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس ۽ ڳوٺاڻن پاران جوابدارن جا پيرا کنيا ويا جيڪي ڳوٺ سخيرو ملڪ ۾ لڳا، ذريعن موجب پوليس شڪ جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.