خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ محبت ڪليري ۾ 4 ڏينهن اڳ پراسرار نموني فوت ٿيل شادي شدهه عورت صائما زال عرفان ڪليري کي زهر  پياري قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ته شيخ همدان بن محمد تعلقي اسپتال پاران عورت جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ۾ چيو ويو آهي ته صائما  جي ڪپڙن، وات ۽ منهن تي زهريلي دوا جون شاهديون مليون آهن، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خانپورمهر پوليس سرڪار پاران اي ايس آءِ لياقت مهر جي مدعيت ۾ ڪليري برادري جي 6 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عورت جي والد بچل ڪليري، مڙس عرفان ڪليري، مامي مشتاق ڪليري، ذوالفقار عرف ڀٽو ڪليري، الطاف ۽ لياقت ڪليري کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صائما کي راڄوڻي ڪوششن بعد واپس ڪرايو ويو هو ۽ کيس زهريلي دوا پياري ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن عورت جي خودڪشي جو ڊرامو رچايو، پوليس عورت جي والد بچل ڪليري ۽ مامي مشتاق کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.