خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر لڳ گذريل ڏينهن مڙس هٿان قتل ٿيل عورت جو ڪيس سرڪار پاران سندس مڙس خلاف داخل ڪيو ويو، خبر موجب گذريل ڏينهن مڙس هٿان قتل ٿيل عورت سليمت بنگلاڻي جو ڪيس سرڪار پاران اي ايس آءِ افضل مھر جي فرياد تي خانپورمهر ٿاڻي تي جوابدار عبدالرحمان بنگلاڻي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار عبدالرحمان بنگلاڻي پنهنجي برادري جي هڪ نامعلوم ماڻهو سان ڪوڙي ڪارنهن الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي زال سليمت بنگلاڻي کي قتل ڪيو، واضح رهي ته پوليس جوابدار کي اڳواٽ ئي گرفتار ڪري چڪي آهي.