خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ۾ بمبلي واهه ۾ ڪار حادثي ۾ فوت ٿيل ٽن ڄڻن جا مڙهه اباڻي ڳوٺن ڏانهن روانا يا ويا، خانڳڙهه واسي موچارو مهر جو مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن فوتي وجاهت جوڻو جو مڙهه راڻيپور ۽ فوتي محمد الياس مڱريو جو مڙهه ٺڪراٺو ويجهو ناگورو ۾ اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو، واضع رهي ته گذريل رات دير سان سردارڳڙهه باءِ پاس تي ڪار تيز رفتاري دوران موڙ ڪاٽيندي بمبلي مائينر ۾ ڪري پئي هئي، جنهن ۾ ڪار سوار 2 ڄڻا شهدادپور واسي خدا بخش خاصخيلي ۽ نوجوان جمي خاصخيلي نڪري سگهيا هئا، جڏهن ته 3 ڄڻا موچارو مهر، محمد الياس مڱريو ۽ وجاهت جوڻو ٻڏي فوت ٿي ويا هئا.