خانواهڻ (ن پ ا) خانواهڻ شھر جي شاهي بازار ۾ نامعلوم چور دڪان جي ڇت ٽوڙي 10 لک رپين جا موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، چوري واقعي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي منظور عباسي، پريم ميمڻ ۽ ٻين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهيل آهي پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، هنن بدامني ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي، بعد ۾ يو سي چيئرمين غلام محمد باقر عباسي ۽ ڊي ايس پي ڪنڊيارو مجيد آرائين ڌرڻي واري ھنڌ پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽  کين يقين ڏياريو ته چوري ٿيل سامان جلد واپس ڪرايو ويندو، جنھن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.