خانواهڻ ( ن پ ا )  ڀرسان ديھات درگاھ سيد محسن شاھ جيلاني جو 253 هون عرس مبارڪ ملھايو ويو عرس مبارڪ جي موقعي تي 3 ڏينھن لاءِ ميلو لڳايو ويو، ميلي ۾ سنڌ پنجاب جي ملھ پھلوانن ذوالفقار چاچڙ، نعيم شيدي، سيد اصغر شاھ، نظير ڀاڳت ۽ شريف اويس پنھنجا زور آزمائي جا جوھر ڏيکاريا ۽ انعام حاصل ڪيا، هوڏانھن ميلي ۾ منيار ۽ مٺائي جا دوڪان لڳايا ويا  ۽ ٻارڙن جي تفريح لاءِ چؤڏيل، ڦرڻيون، ٻيڙا ۽ جھولا پڻ لڳايا ويا، جڏهن ته ميلي جي آخري ڌمال ۾ درگاھ محسن شاھ جيلاني جي مھندي واري رسم ٿي گذري مھندي سومرا محله مان گاجي سومرو ۽ ڪلھوڙا محلاه مان اياز ڪلھوڙو, امداد ڪلھوڙو جي گھران نڪتي جيڪا درگاھ تي پھتي جتي گادي نشين سيد جمن شاھ جيلاني, سيد باقر شاھ جيلان،, سيد خادم حسين شاھ جيلاني، سيد گمبل شاھ جيلاني، سيد عبدالله شاھ جيلاني جن قلندري ڌمال هنئي،  ڌمال ۾ هزارين مريدن عقيدتمندن  توڙي آس پاس جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.