تهران(م ڊ) ايراني سپريم ليڊر پنهنجي امڪاني جانشينن جي باري ۾ اهم فيصلو ڪري ورتو. آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب خامنه اي جانشينن لاءِ 3 عالمن لاءِ نالا تجويز ڪيا آهن، پر انهن ۾ سندس پٽ شامل ناهي. آيت الله خامنه 36 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ايران جو سپريم ليڊر رهيو آهي. آمريڪي اخبار موجب آيت الله خامنه اي صرف هڪ قابل اعتماد صلاحڪار ذريعي پيغام ڏيندو آهي، اخبار اهو به چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر طرفان اليڪٽرانڪ پيغام ختم ڪري ڇڏيا آهن.