خامنه اي کي ذلت واري موت کان بچايو پر ٿورا به نه مڃيائين، ايران عالمي نظام ۾ اچي: ٽرمپ

0
15
ٽرمپ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ ڪراچي ۾ڪيس ڇو ڪجي؟ عدالت
ٽرمپ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ ڪراچي ۾ڪيس ڇو ڪجي؟ عدالت

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آئون ايراني سپريم ليڊر کي ذلت واري موت کان بچايو هن منهنجو شڪريو به ادا نه ڪيو. ايران کي عالمي نظام ۾ واپس اچڻو پوندو. هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايراني سپريم ليڊر جنگ ۾ پنهنجي فتح جي دعويٰ ايتري بيوقوفي سان ڇو ڪئي؟ آيت الله خامنه اي ائين ڇو ٿو چوي ته اسرائيل کان جنگ کٽي ويا آهيون، ايراني سپريم ليڊر ڄاڻي ٿو ته اهو هڪ ڪوڙ آهي، هڪ ايماندار شخص لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ مناسب ناهي. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آئون ڄاڻان پيو ته ايراني سپريم ليڊر ڪٿي پناهه ورتي هئي، اسرائيل يا آمريڪي فوج کي کيس مارڻ جي اجازت نه ڏني، آمريڪي صدر چيو ته ايران کي عالمي نظام ۾ واپس اچڻو پوندو ٻي صورت ۾ ان لاءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، ڪجهه ڏينهن کان پابنديون هٽائڻ ۽ ٻين شين تي ڪم ڪري رهيو آهيان، منهنجي قدمن سان ايران کي مضبوط بحالي جو بهتر موقعو ملي سگهندو، ڪاوڙ، نفرت ۽ بيزاري سان ڀريل بيان منهنجو اهو ڪم فوري روڪي ڇڏيو.