سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڇهه جوابدارن حنيف ڀٽو ولد حاج محمد اڪرم ڀٽو، مشتاق ولدنور محمد ٽوٽاڻي چانڊيو، سارنگ ولد تاج محمد جمالي، ٽي ڀائر الطاف، لطف جمالي ۽ درياءَ خان ولد تاج محم جمالي کي عمر قيد ۽ ساڍا 9، 9 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. فريادي ڌر جي وڪيل اطهر عباس سولنگي موجب عدالت دهشتگردي واري سيون اي ٽي اي ۽ قتل واري قلم 302 ۾ ڇهن ئي جوابدارن کي الڳ الڳ عمر قيد جي سزا پڻ ٻڌائي وئي آهي. جڏهن ته عدالت ڇهن ئي جوابدارن کي هٿيار هٿ ڪرڻ واري ڪيس ۾ 7-7 سال ۽ گاڏي تي جعلي پليٽ ڪيس ۾ 3-3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌايل فيصلي بعد جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. راشد محمود سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جوابدارن تي والد شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ڏني وڃي ها، عدالتي فيصلي سان اڌورو انصاف مليو آهي پر امن طريقي سان انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو. جڏهن ته قاتلن کي موت جي سزا ملڻ تائين قانوني جنگ جاري رکنداسين. سکر سينٽرل جيل ۾ قائم اي ٽي ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي فرزند ۽ جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومرو چيو ته ڪارڪن پرامن رهن، قاتلن کي موت جي سزا ڏيارڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ وينداسين ۽ قاتلن کي موت جي سزا ملڻ تائين خاموش نه ويهندا. ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي، سيد سراج احمد شاهه امروٽي، علامه ناصر محمود سومرو، قاري محمد عثمان، مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍهڙ، ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا محمد علي انصاري، مولانا محمد اسحاق لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

خالد محمود سومرو 28 نومبر 2014ع تي سکر ۾  قتل ڪيو ويو هو

سکر: شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو 28 نومبر 2014ع تي سکر لڪس پارڪ ۾ منعقد امن ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ بعد گلشن اقبال ۾ واقع مدرسي پهتو. جِتي هن رات جو رهائش اختيار ڪئي. 29 نومبر 2014ع تي فجر جي نماز جي ادائگي دوران هٿياربندن فائرنگ ڊاڪٽر خالد محمو سومرو کي قتل ڪري ڇڏيو. شهيد خالد محمود سومرو سنڌ جي پاڻي، وسلين جي مالڪي لاءِ ايوان توڙي هر پليٽ فارم تي مضبوط ۽ سگهارو آواز اُٿاريو، کيس مذهبي اڳواڻ سان گڏ قومپرست اڳواڻ طور به سڃاتو ويندو هيو. سال 2011ع ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هڪ سروي مطابق دنيا جي طاقتور مذهبي اڳواڻن جي لسٽ ۾ پڻ شامل رهيو.  سينيٽر طور سينيٽ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ هميشه آواز گونجندو رهيو.

 

ڪيس جو فيصلو اچڻ سبب جيل ۾ سيڪيورٽي سخت

سکر: شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو اچڻ سبب جيل ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، پوليس، رينجرز، ايف سي، جيل پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. جيل جي مک گيٽ ٻاهران جي يو آءِ جي ڪارڪنن کي بيهڻ کان روڪيو ويو. کين جيل جي حدن کان ٻاهر اماڻيو ويو. ڪيس سان لاڳاپيل ماڻهن کي ئي سينٽرل جيل ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي باقي غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن محمد حنيف، الطاف حسين، دريا خان، سارنگ علي، مشتاق علي ۽ لطف علي کي سينٽرل جيل ۾ قائم دهشٽگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته فريادي ڌر جا وڪيل توڙي جي يو آءِ جا صوبائي اڳواڻ پڻ جيل پهتا.

وارثن کي ادائگي نه ڪرڻ  تي جوابدارن کي هڪ سال وڌيڪ جيل  جي سزا

سکر: شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ مختلف قلمن هيٺ جوابدارن کي آيل سزا جا تفصيل. سمورن جوابدارن کي مقتول ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي U/S 302 (b) PPC r/w سيڪشن 120-B PPC عمر قيد جي سزا ۽ هر هڪ کي 500000 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. مقتول جي قانوني وارثن کي ادائگي ڪئي وڃي  عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين هڪ سال وڌيڪ جيل ڀوڳڻو پوندو. سمورن جوابدارن کي سزا ڏني وئي U/S 7 (a) A.T.Act, 1997 R.I تحت عمر قيد جي سزا ۽ هر هڪ کي 200000/- ڏنڊ ادا جي سزا ٻڌائي وئي آهي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين ڇهن مهينن لاءِ جيل ڀوڳڻو پوندو. سمورن جوابدارن کي U/S 148 PPC تحت ٽي سال قيد ۽ هر هڪ جوابدار مٿان 50، 50 هزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي. ڏنڊ واري رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ قيد ڀوڳڻو پوندو. سمورن جوابدارن کي U/S 377-H(2) PPC تحت ٽن سالن لاءِ قيد ۽ هر هڪ کي 50,000/- رپيا ڏنڊ ادا جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڏنڊ واري رقم ادا نه ڪرڻ تي کين وڌيڪ هڪ مهينو قيد ڪاٽڻي پوندي سڀني جوابدارن کي U/S 468 ۽ 471 PPC تحت ٽن سالن لاءِ قيد جي سزا ۽ هر هڪ کي 50,000 روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ مهيني لاءِ قيد ڪاٽڻو پوندو. سڀني جوابدارن کي U/S 24 آرمس ايڪٽ، 2013 تحت 7 سالن قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڇهن مهينن لاءِ کين وڌيڪ قيد ڀوڳڻو پوندو.