خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي چرچ تي صحافي نصرالله کي قتل ڪيو ويو: شاهد يعقوب عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

0
77

شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جا 164 جي بيان ۾ سردار خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن تي ڀاءَ جي قتل ۾ ملوث هئڻ جا الزام هنيا ويا

 ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ 164 جو بيان ڏيندي يعقوب گڏاڻي چيو ته سردار خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي چرچ تي نصرالله کي قتل ڪيو ويو، قتل ۾ خالد لنڊ جا پٽ  ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد به ملوث آهن

 يعقوب گڏاڻي چيو ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي موجودگي ۾سندن گارڊز نصر الله مٿان فائرنگ ڪئي هئي، نصرالله گڏاڻي کي 11 مئي تي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن رستو روڪي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون

هن چيو ته 21  مئي تي جوابدار اصغر لنڊ ۽ برڪت لنڊ نصر الله تي حملو ڪيو، جوابدارن اهو چئي فائرنگ ڪئي ته تون خالد لنڊ کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين

عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي يعقوب گڏاڻي چيو ته مون کي ايڏيون خطرناڪ ڌمڪيون ڏنيون ويون جو ڪجهه دير لاءِ ڊڄي ويس، پهرين مان سوچيو ته 164 جو بيان نه ڏيان

شهيد نصرالله جي وارثن جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته اڄ گواهن کي عدالت ڏانهن وڃڻ کان اڳ گهيرو ڪري روڪيو ويو ۽ بيان نه ڏيڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون، گواهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو