ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ 6 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو منظرعام تي اچي وئي. عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس سندس استقبال ڪيو. هٽايل وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي دور ۾ بدعنواني جي الزام ۾ قيد ٿيندڙ بنگلاديش جي جهُور ۽ بيمار اپوزيشن ليڊر کي 2018 ع ۾ بدعنواني جي الزام ۾ قيد ڪيو ويو هو پر آگسٽ ۾ شاگرد انقلاب سبب شيخ حسينه جي 15 سالن جي آمراڻي دور جي خاتمي جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو هو. ٻن اڳوڻين وزيراعظمن ۾ شديد دشمني، جيڪا رت کان شروع ٿي، جيلن تائين پهتي، ڏهاڪن تائين ملڪ جي سياست جي سڃاڻپ بڻيل رهي. بنگلاديش جي عبوري سربراهه محمد يونس جو چوڻ آهي ته اسان خوش قسمت آهيون جو اڄ بيگم خالده ضياءَ اسان سان گڏ آهي، اها هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي. اسين تمام گهڻو خوش آهيون. 79 سالن جي خالده ضياءَ گذريل ڪيترن ئي سالن کان بيمار ۽ وهيل چيئر تي هلي ٿي،