پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور  چيو آهي ته خاص سيٽن تي غيرقانوني ماڻهن کي حلف کڻڻ نه ڏينداسين، اسين پوئتي نه هٽنداسين، اسين مقابلو ڪنداسين.  پنهنجي حق لاءِ وڙهنداسين. ڪي پي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته خاص سيٽون غير آئيني طريقي سان ڏنيون ويون آهن، ملڪ ۾ آئين هر هر ٽوڙيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ باني اسان کي آئين ۽ قانون لاءِ جدوجھد جو رستو اختيار ڪرڻ جو سبق سيکاريو آهي. آئين مطابق اليڪشن نه ڪرائي وئي، پهرين چونڊ نشان پوءِ مخصوص سيٽن کان محروم ڪيو ويو. اسان جون سيٽون غير آئيني طور تي ٻين پارٽين  کي ڏنيون ويون. آئين جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وينداسين. پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ اڄ قرارداد منظور ڪنداسين، ڇهن ججن تي فل ڪورٽ بينچ ڇو نه پئي جوڙي وڃي. چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، ان جي تحقيق به ڪرائي وڃي.