حڪومت_تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهيون ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار

0
27
حڪومت_تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهيون ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار

آخرڪار تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ۽ پهرين ملاقات 21 ڊسمبر تي ۽ ٻي ملاقات 2 جنوري تي ٿي گذري. حڪومت طرفان چيو ويو ته، ايندڙ گڏجاڻي ۾ تحريڪ انصاف لکت ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪندي ۽ جڏهن ٻه جنوري تي ملاقات ٿي ته تحريڪ انصاف چيو ته اسان مطالبا لکت ۾ ڏيون يا نه پر اسان جا مطالبا واضح آهن. هڪ ته 9 مئي 2023ع ۽ 26 نومبر 2024ع جي واقعن متعلق هڪ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ٻيو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي ترت آزاد ڪيو وڃي. بظاهر ڏٺو وڃي ته حڪومت لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ ڪو مسئلو ناهي ۽ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪارڪنن جي آزادي به وڏو مسئلو ناهي، پر اصل ۾ سوال عمران خان جي آزاديءَ جو آهي. ڇا حڪومت عمران خان تان ڪيس ختم ڪري آزاد ڪري سگهي ٿي؟ يا عمران خان جي آزادي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي؟ جيڪڏهن حڪومت عمران خان کي آزاد نٿي ڪري سگهي ته پوءِ حڪومت سان تحريڪ انصاف ڇو پئي ڳالهيون ڪري؟ ۽ وري ٻئي پاسي ڇا تحريڪ انصاف سمجهي ٿي ته هي ڪمزور حڪومت انهن جا مطالبا تسليم ڪندي انهن تي عمل ڪري ڏيکاريندي؟ اچو ته انهن سوالن جو جائزو وٺون.

سڀ کان پهرين ته هن ملڪ جي تاريخ اسان کي واضح ٻڌائي ٿي ته، هتي رياست هر معاملي کي پنهنجي هٿ وس رکيو آهي ۽ ڪنهن به نام نهاد چونڊيل حڪومت کي به ڪو اهڙو اختيار نه ڏنو آهي، جنهن مان خبر پوي ته سول حڪومت جي به ڪا اهميت آهي. ايتري قدر جو پاڪستان جي ٻه اڌ ٿيڻ کانپوءِ ذوالقفار علي ڀٽو کي بچيل پاڪستان ڏنو ويو ۽ ڀٽي صاحب پنهنجي هر عمل سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته حڪومتي سطح تي سڀ فيصلا هُو پاڻ ۽ هن جي حڪومت ڪري رهي آهي. پر هاڻي تاريخ اسان کي ٻڌائي پئي ته ڀٽي صاحب جي حڪومت جا ڪيترا فيصلا ۽ عمل اصل ۾ ان دور جي اسٽيبلشمينٽ جا فيصلا ۽ عمل هئا، جنهن ۾ بظاهر ڪردار ڀٽي صاحب ۽ سندس حڪومت ادا پئي ڪيو. مثال طور اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو قتل عام ٿيو ۽ عام بنگالين کي قتل ڪيو ويو ۽ نياڻين سان جنسي زيادتي ڪئي وئي، آخر ۾ “حمود الرحمان ڪميشن” ڪيترن جنرلن، فوجي ۽ سول آفيسرن خلاف ڪيس هلائڻ ۽ ڪارروائي ڪرڻ جون سفارشون ڪيون، پر ڀٽي صاحب ان تي ڪو به عمل نه ڪيو. بلوچستان ۽ تڏهوڪي سرحد صوبي (موجوده ڪي پي ڪي) ۾ فوجي آپريشن جي پويان به اسٽيبلشمينٽ هئي. آخر ۾ جڏهن مارچ 1977ع ۾ چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ ان جي خلاف “پاڪستان نيشنل الائنس” پي اين اي ملڪگير تحريڪ هلائي، ان جي نتيجي ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت ان سان ڳالهيون ڪيون، پر آخر تائين اهي ڳالهيون ڪنهن حتمي معاهدي يا نتيجي تي نه پهچي سگهيون. پي اين اي وارن جو سڀ کان وڏو مطالبو “حيدرآباد سازش ڪيس” ۾ قيد ٿيل ولي خان،  غوث بخش بزنجو، حبيب جالب، خير بخش مري، عطاءَ الله مينگل ۽ ٻين سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ سان گڏ نيون چونڊون ڪرائڻ هو. ڀٽو صاحب سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ ان سلسلي ۾ هن جڏهن تڏهوڪي آرمي چيف جنرل ضياءَ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري اها ڳالهه رکي ته جنرل ضياءَ ۽ ٻين جنرلن چيو ته فوج ڪنهن به صورت ۾ “حيدرآباد سازش ڪيس” جي قيدين جي آزاديءَ کي قبول نه ڪندي. حالانڪه اهو جنرل ضياءَ ڀٽي صاحب جو لاڏلو ۽ Monkey General (ڀولڙو جنرل) هو ۽ ڀٽي صاحب کي چوندو هو ته سر حڪم ڪريو ته پنهنجي پيءُ جي سِسِي لاهي توهان جي قدمن ۾ رکان، پر اهو ڀٽي صاحب کي “حيدرآباد سازش ڪيس” جي سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جي اجازت نه پيو ڏي. نتيجي ۾ اهي ڳالهيون بي نتيجا رهيون ۽ ائين 5 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس پارٽي جي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري قيد ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي پاسي “حيدرآباد سازش ڪيس” ۾ قيد قيدين سان جيڪي جنرل ضياءَ ۽ ان دور جي اسٽيلبشمينٽ جي نظر ۾ ملڪ جا سڀ کان وڏا ازلي ابدي دشمن هئا، تن سان نه صرف پاڻ اچي ملاقات ڪئي پر انهن کي آزاد ڪري مبارڪون وصول ڪيون. هاڻي جڏهن جنرل ضياءَ جهڙي بظاهر ڪمزور آرمي چيف ڀٽي جهڙي بظاهر سويلين طاقتور حڪمران کي آزادي سان فيصلا اهي به انتهائي اهم موقعي تي ڪرڻ نه ڏنا. ڇا موجوده اسٽيبلشمينٽ اتحادي حڪومت يا شهباز شريف کي عمران خان کي آزاد ڪرڻ يا بني گالا ۾ نظربند ڪرڻ يا کڻي ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جهڙا فيصلا ڪرڻ ڏيندي؟ يا حڪومت ڪو اهڙو فيصلو ڪري سگهي ٿي، جنهن جو فائدو تحريڪ انصاف يا عمران خان کي ٿئي؟ هاڻ جڏهن شهباز شريف کي خبر آهي ته هن جي حڪومت صرف چند اتحادين جي ووٽن سان قائم ۽ دائم آهي ته پوءِ اها عمران خان کي آزاد ڪرڻ ته ٿيو پري، پر ڪو به اهڙو هلڪو قدم به نه کڻي سگهندي، جنهن سان اسٽيبلشمينٽ جو صرف “منهن خراب” ٿئي. هي ويچارا حڪمران هر ڳالهه ۽ ڪم ۾ سڀ کان پهرين اسٽيبلشمينٽ جي شان ۾ قصيدا پڙهي پوءِ ڪا “عرضداري” رکندا آهن. انهن جي هر چال ۽ چلت اسٽيبلشمينٽ جي خوشامدي حاصل ڪرڻ خاطر آهي ۽ انهن کي خبر آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي ناراض ڪرڻ مطلب حڪومت وڃائڻ برابر آهي. پر ساڳئي وقت انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جا جنهن وقت انهن مان مفاد نڪتا ۽ اهي وڌيڪ فائدي وارا نه رهيا ته رات پيٽ ۾ هڪٻئي جو مُنهن تڪيندا گهر ڀيڙا ٿي ويندا ته اسان کان ڪٿي “گستاخي” ٿي. تنهن ڪري موجوده حڪمران ڀلي کڻي ڪيترا “فرمانبردار” ٿيو هلن ۽ روز ويٺا نوان پروگرام پيش ڪن ته اسان 2035ع تائين حڪومت ڪنداسون، پر انهن کي ياد هوندو ته عمران خان به 2028ع تائين پاڻ کي حڪمران سمجهندو هو ۽ هاڻي گذريل ارڙهن اوڻيهن مهينن کان جيل ۾ قيد ٿيو ويٺو آهي.

تنهن ڪري جيستائين تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين جو تعلق آهي ته اهي ڳالهيون صرف ئي صرف ڳالهين جي حد تائين هونديون، ان ۾ ذري جيترو به فرق نه ايندو. جنهن طريقي سان حڪومت تحريڪ انصاف سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ راضي ٿي آهي، تنهن مان به اهو تاثر ملي پيو ته حڪومت “ڌڻين” کان پڇيو ته اسان تحريڪ انصاف سان ٽيبل تي ويهون يا نه، جڏهن “ڌڻين” پاران ها ڪئي وئي، يعني اجازت ڏني وئي، تڏهن اچي ٽيبل تي ويٺا. مطلب ان حد تائين غلام ۽ فرمانبردار حڪومت ڪهڙا وڏا ۽ اهم فيصلا ۽ عمل ڪندي. ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ تحريڪ انصاف کي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جو چئي اهو ثابت ڪيو ته تحريڪ انصاف به سخت مزاحمت ڪرڻ واري رستي کي ڇڏي، ڪو مفاهمت وارو رستو اختيار ڪرڻ جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. تنهن ڪري تحريڪ انصاف ۽ حڪومت ٻئي سمجهن ٿيون ته اهي هڪٻئي کي ڪجهه به نٿيون ڏئي سگهن ۽ صرف ئي صرف اسڪرين جي آڏو اچي پاڻ ۾ ويهي ٻئي ڌريون اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي پنهنجي “فرمانبرداريءَ” جو يقين ڏياري رهيون آهن ته اسان توهان سان ڪيترا “وفادار” آهيون. هاڻي جڏهن ٻنهي طرف اهڙا عظيم “وفادار” ويٺا هجن ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ڪهڙو خطرو ۽ ڊپ. پر ان سڄي صورتحال ۾ هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته، اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ عمران خان کان پريشان آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ اها پريشاني وڌي سگهي ٿي. ڇو ته ايندڙ ڏينهن ۾ جڏهن ٽرمپ آمريڪي صدر طور قسم کڻندو ته اهو ممڪن آهي ته عمران خان جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ تي ڪو دٻاءُ وجهي، بظاهر اهو دٻاءُ ڪنهن ميزائيل پروگرام وغيره جي نالي ۾ هوندو پر اصل دٻاءُ عمران خان جي آزادي يا هن کي رليف ڏيڻ متعلق ٿي سگهي ٿو. هتي اها به ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن کانپوءِ  اسٽيبلشمينٽ جيڪا تحريڪ انصاف جي ڪاميابي جي ڪري ٿوري گهڻي پريشان هئي، پر گذريل ڏهن مهينن کان اها ان پريشاني مان وڏي حد تائين ٻاهر نڪري آئي آهي، جيڪا تحريڪ انصاف جي هڪ وڏي سياسي ناڪامي آهي يا ائين کڻي چئي سگهجي ٿو ته چونڊن کانپوءِ تحريڪ انصاف وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهي پئي ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ڪو وڏو دٻاءُ وجهي ان کي پوئتي ڌڪي ها، پر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي ۽ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان وڌيڪ دٻاءُ ۾ نظر اچي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان روز متضاد ۽ منجهيل موقف پيش ڪري پنهنجي پريشانيءَ کي واضح ڪري رهيو آهي.