اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف عمران خان عدالتي ڪمري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فوج سان ڳالهيون ڪرڻ واري ڳالهه تي قائم آهيان، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ٿينديون، اسان جو مطالبو آهي ته اسان جو چوري ڪيل مينڊيٽ فوري واپس ڪيو وڃي، اهڙي حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪريون جيڪا 4 تڪ کلڻ سان ختم ٿي ويندي صحافي سوال ڪيو ته اوهان محمود خان اچڪزئي کي سياسي جماعتن سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو آهي ان جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته محمود خان اچڪزئي کي ڳالهيون ڪرڻ جو بلڪل چيو، پر سياسي جماعتن وٽ ڪجهه ناهي. جن وٽ طاقت آهي اُنهن سان ڳالهيون ڪندس. جيڪا ڳالهه ڪندس واضع ۽ آئين جي تحت هوندي. هن چيو ته مون کان معافي گهري وڃي مون سان ظلم ٿيو آهي
صحافي پاران ڪيل سوال اوهان هڪڙي ڏينهن ڳالهائيندا آهيو ٻئي ڏينهن پنهنجي ڳالهه تان يوٽرن وٺندا آهيو جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته نه هي ٻڌو مڌر آف يوٽرن هي آهن ته نواز شريف ووٽ کي عزت ڏيڻ جو نعرو هنيو ۽ بوٽ پڪڙي بيهي رهيو. مان فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جو چيو جنهن تي قائم آهيان. آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته مون کي گهليو وڃي ۽ تشدد ڪيو وڃي ملڪ جي اندر اڻ اعلانيل مارشل لا لڳل آهي. نيب ريفرنس ختم ٿيا ته محسن نقوي، چيئرمين نيب، جاچ آفيسر ۽ گواهن تي ڪيس ڪندس. نيب نئون ريفرنس فائل ڪري پنهنجي ئي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي. نيب انهن جي چوڻ تي بشريٰ بي بي۽ مون تي جيڪو ريفرنس ٺاهيو اُن ريفرنس جو هار مون وٽ آهي. منهنجي غلطي اها آهي ته مان اعتراف ڪيو ته اهو هار مون وٽ آهي. باني تحريڪ انصاف چيو ته جيل ۾ ٻه ڀيرا فوڊ پوائزننگ جو شڪارٿيو آهيان. فرج جي سهولت نه جڻ سبب کاڌو خراب ٿي ويندو آهي. نيب توشه خانه جو نئو ريفرنس پنهنجي ئي قانو جي خلاف ورزي ڪئي آهي. پهريان ريفرنس ۾ به انعام شاهه واعده معاف گواهه هيو ۽ نئين ريفرنس ۾ به هو واعدا معاف گاهه آهي. بني گالا ڪئمپ جا سمورا خرچ پاڻ برداشت ڪندو هئس. آزادي بعد محسن نقوي، چيئرمين نيب ۽ جاچ آفيسرن سميت ڪوڙابين ڏيندڙن تي ڪيس داخل ڪندس
عمران خان چيو ته 18 مارچ تي بني گالا رهائش گاهه تي ڇاپي کان اڳ سموريون قيمتي شيون اتان محفوظ جڳهه منتقل ڪري ڇڏيون هيون، جنهن هار تي مون کي سزا ڏني وئي مون غلطي سان ٻڌايو ته اهو هار مون وٽ موجود آهي. هار مون وٽ موجود هجڻ تي نيب ڦاسي پئي هئي تنهن ڪري مون کي جلد سزا ٻڌائي وئي. دنيا ۾ جمهوريت اخلاقيات جي بنياد تي هلندي آهي، پارليامينٽ ڏنڊي جي زور تي ناهي هلندي. اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جيڪو ڪجهه چيو وقت اُن کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو. صحافيءَ سوال ڪيو ته ڇا وهان پنهنجي پارٽيءَ کي فوج خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو آهي
جنهن تي عمران خان چيو ته مون کي چيو ويو ته جي ايچ ڪيو سامهون پر امن احتجاج جو سڏ ڏئي غلط ڪيو. آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته جي ايچ ڪيو جي سامهون احتجاج ڪرڻ ڏوهه آهي. حڪومت جو ڪو به ادارو غلط ڪم ڪندو ته اُن تي ڀرپور تنقيد ڪنداسين. باني تحريڪ انصاف کان شير افضل مرورت کي پارٽي مان ڪڍڻ متعلق 3 ڀيرا سوال ڪيو ويو پر عمران خان ڪنهن کي جواب نه ڏنو البته ايترو چيو ته بعد ۾ ڳالهايان ٿو