نئين مالي سال جي “مهانگائي بم” سان شروعات، پيٽرول 8.36 رپيا ۽ ڊيزل 10.39 رپيا ليٽر مهانگو، بجيٽ به لاڳو

0
24
نئين مالي سال جي “مهانگائي بم” سان شروعات، پيٽرول 8.36 رپيا ۽ ڊيزل 10.39 رپيا ليٽر مهانگو، بجيٽ به لاڳو
نئين مالي سال جي “مهانگائي بم” سان شروعات، پيٽرول 8.36 رپيا ۽ ڊيزل 10.39 رپيا ليٽر مهانگو، بجيٽ به لاڳو

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت نئين مالي سال جي پهرئين ڏينهن عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائيندي پيٽرول سوا 8 رپيا ۽ ڊيزل سوا 10 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو. حڪومت جون جي مهيني ۾ ئي پيٽرول 14 رپيا ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو. اوگرا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت تيل جي اگهن ۾ تبديلي ڪندي هاءِ اسپيڊ ڊيزل 10 رپيا 39 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو. جنهن سان ڊيزل جي قيمت 262 رپيا 59 پئسا مان وڌي 272 رپيا 98 پئسا ٿي وئي. جڏهن ته پيٽرول 8 رپيا 36 پئسا وڌايو ويو آهي. پيٽرول جو ليٽر 258 رپيا 43 پئسن جو هو جيڪو وڌي 266 رپيا 79 پئسن جو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته حڪومت 15 جون تي ڊيزل 7.95 رپيا ۽ پيٽرول 4.80 رپيا مهانگو ڪيو هو. پهرين جون کان پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيو في ليٽر اضافو ڪيو ويو هو.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري فنانس بل 26-2025ع تي صحيح ڪري فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل جي منظوري جي عمل ۾ قومي اسيمبلي حڪومت جون 10 مڪمل ۽ 2 جزوي ترميمن جي منظوري ڏني، اپوزيشن طرفان پيش ڪيل 78 ترميمون ايوان رد ڪري ڇڏيون هيون، صدر جي منظوري کان پوءِ فنانس بل  26-2025ع اڄ  پهرين جولاءِ کان لاڳو تصور ٿيندو. صدر جي منظوريءَ کان پوءِ فنانس بل کي لاڳو ڪرڻ لاءِ  گزيٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو  آهي. فنانس بل تحت 389 ارب رپين جا انفورسمينٽ قدم ۽ 312 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳندا. انڊسٽري مان هڪ ڏينهن جي في چوزي تي 10 رپيا فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ٿيندي. ٽريزي بلز ۾ سيڙپڪاري تي انڪم ٽيڪس 15 سيڪڙو مان وڌي 20 سيڪڙو ٿي ويندو. ميوچل فنڊز جي ذريعي سيڙپڪاري تي لاڳو 25 سيڪڙو ٽيڪس وڌي 29 سيڪڙو ٿي ويندو. سولر پينلز جي وڪري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ايف بي آر کي ڪاروبار لاءِ رجسٽرڊ شناختي ڪارڊ نمبر سان ٿيندڙ ٽرانزيڪشنز چيڪ ڪرڻ جو اختيار ملندو. واپاري ٽرانزيڪشنون جيڪڏهن رٽرن کان وڌيڪ ٿيون ته ڪمرشل بئنڪ ايف بي آر کي ڊيٽا ڏيڻ جا پابند هوندا. نئين فنانس بل ۾ ۽ پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز تي سرمائيڪاري ڪڍي وئي ته انڪم ٽيڪس عائد ٿيندي. ٽي بلز ۽ پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز ۾ سيڙپڪاري تي ٽيڪس ڇوٽ جي لاءِ ڇهه مهينن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي. پهرين جولاءِ کان اي ڪامرس لاءِ ڪوريئر سروسز جي ايجنٽ کي ود هولڊنگ ايجنٽ بڻايو ويندو. اي ڪامرس لاءِ ڪوريئر سروسز فراهم ڪندڙ ماهوار رپورٽ ڪرڻ جا پابند هوندا. ڪوريئر سروس جي لاءِ جيڪي جيڪي وينڊر پليٽفارم استعمال ڪيا ويندا، انهن جي به رپورٽنگ ڪرڻي پوندي. سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ حاصل ڪندڙ مينوفيڪچرنگ يونٽن جي مانيٽرنگ جو اختيار به ايف بي آر کي ملندو. آن لائن ڪاروبار ڪندڙن لاءِ ايف بي آر ۾ رجسٽريشن لازمي هوندي. ڪوريئر سروس مهيا ڪندڙ جيڪڏهن ماهوار اسٽيٽمينٽ نه ڏئي ته 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ٿيندو، ۽ جيڪڏهن مسلسل ٽنن مهينن تائين رپورٽنگ نه ڪئي ته وڌيڪ ڏنڊ لڳندو. آن لائن پليٽفارم ذريعي واپار ڪندڙ واپارين لاءِ رجسٽريشن لازمي هوندي. پنجاهه لک تائين ڪاروبار ڪندڙ آن لائين ڪاروبار کي رجسٽرڊ ڪرائڻو پوندو.  فنانس بل موجب نان فائلرز کي 75 هزار رپين کان گهٽ بئنڪ مان ڪيش ڪڍڻ تي ايڊوانس ٽيڪس نه لڳندو. 75 هزار کان وڌيڪ ڪيش ڪڍڻ تي هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ٿيندو. فنانس بل مطابق پهرين جولاءِ کان ڊجيٽل اشتهار سازي تي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي عملدرآمد جي شروعات ٿيندي. نئين مالي سال کان استادن ۽ تحقيق ڪندڙن کي ملندڙ ٽيڪس ريبيٽ ختم ڪيو ويندو. نئين بجيٽ ۾ ڪلبز جي آمدني تي به انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو. جيڪي ڪلبز 10 لک رپين جي ميمبرشپ فيس وٺن ٿا، اهي به انڪم ٽيڪس جي دائري ۾ ايندا. فنانس بل موجب رجسٽرڊ ڪاروبار لاءِ ڪيش ٽو ڪيش واپار تي سختيون وڌيڪ سخت ڪيون وينديون. پراپرٽي مان ملندڙ منافعي کي ٻين ڪاروباري نقصانن سان ايڊجسٽ نه ڪري سگهجي سگهندو. 2500 اسڪوائر فُٽ تائين فليٽ خريدڻ يا گهر ٺاهڻ تي ٽيڪس ڪريڊٽ جي سهولت هوندي. مارگيج فنانسنگ اسڪيم تحت وياج جي ادائيگي تي 30 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ ملندو. فنانس بل موجب حڪومت کي پئٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 90 رپين تائين وڌائڻ جي اجازت هوندي. فرنس آئل تي پي ڊي ايل لاڳو ڪرڻ سان 100 ارب رپين جي نان ٽيڪس آمدني جي اميد آهي. نئين مالي سال لاءِ پئٽروليم ليوي مان 1468 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٽئير ون ريٽيلرز کي سيلز ٽيڪس لاءِ رجسٽريشن لاءِ پهريان نوٽيس موڪليا ويندا. رجسٽريشن نه ڪرائڻ تي انهن جا بجلي ۽ گئس جا ڪنيڪشن ڪٽيا ويندا. ٻئي مرحلي ۾ بينڪ اڪائونٽس بند ڪيا ويندا. ٽئين مرحلي ۾ غير منقوله ملڪيت جي منتقلي روڪي ويندي. فنانس بل موجب نئين مالي سال دوران آءِ ايم ايف جي هدايتن مطابق ڪا به ايمنسٽي اسڪيم نه ڏني ويندي. پئٽروليم مصنوعات تي 2.5 رپيا ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي به لاڳو ٿيندي. سيلز ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ٿي سگهن ٿا. مال جي سپلائي کان بغير انوائس جاري ڪرڻ تي ٽيڪس فراڊ تحت گرفتاري ٿي سگهي ٿي. سيلز ٽيڪس فراڊ ڪندڙ ٻاهري ملڪ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو تڏهن به کيس گرفتاري ٿيندي. سيلز ٽيڪس جو فراڊ 5 ڪروڙ رپين يا ان کان وڌيڪ جو هوندو ته گرفتاري لازمي هوندي.