حڪومت ۽ پ پ ۾ ڳالهيون جاري، معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، ڪابينا ۾ شامل نه ٿينداسين: گيلاني

0
44
حڪومت ۽ پ پ ۾ ڳالهيون جاري، معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، ڪابينا ۾ شامل نه ٿينداسين: گيلاني
حڪومت ۽ پ پ ۾ ڳالهيون جاري، معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، ڪابينا ۾ شامل نه ٿينداسين: گيلاني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي خدشن بابت ڳالهيون جاري آهن، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سان ٿيل لکت واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي خدشن بابت ڳالهيون جاري آهن، حڪومت پاران پ پ سان ڪيل لکت واري معاهدي تي عمل ڪيو وڃي.هن چيو ته پيپلز پارٽي اڳ به وفاقي ڪابينا جو حصو نه هئي ۽ نه مستقبل ۾ ان جو حصو بڻجندي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سمورن سياسي مسئلن جو حل ڳالهيون آهن. مهذب دنيا ۾ مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ئي ٿيندو آهي. اسلام آباد ۾ صحت بابت آگاهي سيمينار ۾ خاص مهمان طور ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، تعليم تائين رسائي نه رڳو بنيادي انساني حق آهي قومي ترقي جو بنياد پڻ آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم صحت جي معاملن تي صوبن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، آئيني ترميم تحت صوبا پنهنجي آبادي جي ضرورتن مطابق مقامي حل ڳولڻ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته اختيارن جي منتقلي صحت متعلق هڪ جامع، شراڪتداري، فريم ورڪ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي آهي. وقت اچي ويو  آهي ته پاڪستان ۾ صحت متعلق سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي نه رڳو اها سهولت ملڻ گهرجي جنهن جا هو حقدار آهن پر هڪ اهڙو معاشرو به ٺاهيو وڃي جيڪو صحت کي ترقي جي بنياد تي اهميت ڏي. هن چيو ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ پنهنجي دور ۾ صحت جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بهتر قدم کنيا هئا، انهن جي پهچ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ تبديليءَ وارو سنگ ميل 18هين آئيني ترميم هو.