اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ پردي پٺيان ڳالهيون، پي ٽي آءِ پاران ڳالهين ۾ پيش ڪيل شرط سامهون اچي ويا، جنهن ۾ عمران لاءِ فوري رليف جي گهر ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ پاران عمران جي اڊيالا جيل کان ڪي پي منتقلي سميت رليف جا شرط رکي ڇڏيا، نجي ٽي وي چينل ڊان نيوز ذريعن کان ڄاڻايو آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ وڏي اڳڀرائي جو امڪان آهي، ذريعن موجب آڇ باوجود عمران پرڏيهه منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مطالبا مڃيا ويا ته 24 نومبر جي احتجاج جو سڏ واپس وٺي سگهجي ٿو. نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ نيوز جي خبر موجب پي ٽي آءِ جي ذريعن موجب پي ٽي آءِ 24 نومبر جي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ کي عمران جي فوري آزادي سان مشروط ڪيو آهي، مٿس داخل سمورا ڪيسز ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، اهو به شرط رکيو ويو ته قانوني معاملن ۾ وقت لڳي ٿو ته عمران کي فوري پشاور جيل منتقل ڪيو وڃي. هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪن ۾ عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ٻيهر ملاقات ڪئي، ذريعن موجب ٻنهي پردي پٺيان ڳالهين کان آگاهه ڪيو، 24 نومبر جي احتجاج جي حڪمت عملي تي به مشاورت ڪئي وئي، گنڊاپور ۽ گوهر عمران سان ملاقات دوران ڳالهين جي تجويز سامهون رکي هئي ۽ ڪالهه ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي عمران اطمينان جو اظهار ڪيو، نجي ٽي وي چينل جيو نيوز موجب ڳالهين جو عمل شروعاتي مرحلي ۾ سٺو رهيو ۽ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ڳالهين ۾ وڌيڪ اڳڀرائي بعد 24 نومبر جي احتجاج بابت فيصلو ڪيو ويندو، ذريعن موجب علي امين گنڊاپور ۽ بئرسٽر گوهر احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب حڪومتي شخصيتن سان ڳالهين جو ٽاسڪ بئرسٽر گوهر ۽ اسٽبلشمينٽ سان ڳالهين جو ٽاسڪ علي امين گنڊاپور کي ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب ملاقات دوران بئرسٽر گوهر عمران کي چيو ته جيترو ڪريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي ان جي ڪري گهڻا ورڪرز جمع نه ڪري سگهنداسين، ڪريڪ ڊائون ۽ وسيع تر ملڪي مفاد ۾ احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، بئرسٽر گوهر چيو ته ٿڌ جي ڪري به ورڪرز کي ڌرڻي تي ويهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر عمران سان ملاقات ۾ احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته عمران سان ملاقات ۾ احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ تي ڪا ڳالهه نه ٿي، ملاقات ۾ ڳالهين يا رابطن تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ باني جي وڪيل فيصل چوڌري جي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران چيو آهي ته اڄ تائين ڳالهيون اڳتي نه وڌيون ته احتجاج ضرور ٿيندو، احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي، عمران جو چوڻ هو ته 9 مئي بعد ٻيو ڀيرو احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، ڪا به ڊيل نه ٿي رهي آهي، ڳالهيون اسان جي مطالبن تي ٿينديون ۽ انهن سان ٿينديون جن وٽ اصل طاقت آهي، اڄ تائين ڳالهيون اڳتي نه وڌيون ته احتجاج نه جشن ٿيندو، وڪيل فيصل چوڌري چيو ته احتجاج تي هڪ ارب رپيا خرچ ڪرڻ جون خبرون ڪوڙيون آهن، پي ٽي آءِ 24 نومبر تي فيصلائتي احتجاج طور اسلام آباد طرف مارچ جو سڏ ڏنو ويو آهي، پي ٽي آءِ طرفان 26هين ترميم جي واپسي، گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ چوري ڪيل مينڊيٽ جي واپسي جا مطالبا رکيا ويا آهن. ترجمان ڪي پي حڪومت بئرسٽر سيف چيو آهي ته حڪومت احتجاج ملتوي ڪرائڻ لاءِ رابطا ڪري رهي آهي پر اڃا تائين حڪومت يا اسٽبلشمينٽ ڳالهين لاءِ سنجيده قدم ناهي کنيو، ڳالهيون ڪنهن ذميوار شخص سان ٿينديون چاهي اهو محسن نقوي ئي ڇو نه هجي، وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ڳالهيون عمران جي آزادي سان شروع ٿينديون ۽ اڳتي وڌنديون، عمران کي آزاد ڪرائي ۽ پنهنجا مطالبا مڃرائي ئي سک جو ساهه کڻنداسين، اسد قيصر حڪومت پاران بئرسٽر گوهر ۽ گنڊاپور سان رابطن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاران باقاعده رابطا ڪيا ويا آهن، ڳالهيون ٿي رهيون آهن.