اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جون خميس تي رٿيل ڳالهين جي ٽئين دور تي نظرون، پارليمينٽ هائوس ۾ ان ڪئميرا اجلاس دوران پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا پيش ڪندي، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني واضح ڪيو آهي ته کيس ڪا ڊيل ۽ رعايت نه گهرجي، اُميد ته حڪومت عدالتي ڪميشن جي معاملي تي اڳڀرائي ڪندي، حڪومتي ڪاميٽي جي ميمبر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي مطالبن لاءِ 31 جنوري جي تلوار لٽڪائِي آهي، پر حڪومت اُن کان گهڻو اڳ سندن مطالبن تي جواب ڏيندي، اهو ممڪن ناهي ته لکت ۾ مطالبا ملندي ئي حڪومت اُنهن جو جواب ڏئي ڇڏي.