حيدرآباد(بيورو رپورٽ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون بوگس ٿيون، ان عمل تي اسان جو احتجاج جاري آھي. اسان جي سنڌ اسيمبلي جي ٽن ميمبرن اڃا تائين حلف ناھي کنيو. ھن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالھيون ٿيڻ ڳالھه ناھي پر ان جا مثبت نتيجا اچڻ گھرجن. ھن چيو ته ھن وقت سنڌ سميت ملڪ ۾ عوام کي ڪابه سھولت ميسر ناھي. ملڪ افراتفري ڏانھن وڌي رھيو آھي. ھن چيو ته موجوده حڪومتي نظام جيترو وقت وڌيڪ ھلندو ان جا اوترا نتيجا خراب ملندا رھندا. ان ڪري سمورين اپوزيشن جماعتون بنيادي معاملن تي گڏ ٿي ھلن ته جيئن نين چونڊن ڏانھن وڃي سگھجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ 16 سالن کان ھڪ طرفي حڪومت ھلي رھي آھي. اسان مختلف سنڌ جي سياسي پارلياماني پارٽين کي گڏ ڪري مضبوط اپوزيشن جو اتحاد ٺاھيو آھي. ھن چيو ته سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جو اھم مسئلو آھي. اسان ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رھيا آھيون. ھن چيو ته سنڌو درياھه ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي ناھي، اتي درياھه ۾ ڌوڙ اڏامي رھي آھي. پاڻي نه ھجڻ سبب ساحلي ضلعن جون زرخيز زمينون تباھه ٿي ويون آھن. سنڌ جي گڏيل سوچ آھي ته جيڪڏھن 6 ڪئنال ٺھيا ته پوءِ ڪوٽڙي بئراج تي به پاڻي نه پھچي سگھندو. پير پاڳاري روحاني دوري دوران به ڪئنالن واري معاملي تي ڳالھايو آھي. جيڪڏھن پاڻي کوٽ ٿيندي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ بلوچستان کي پاڻي ڪٿان ملندو. ھن چيو ته حڪومت جي اھا سائنس سمجھ کان ٻاھر آھي ته غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ آباد زمين کي غير آباد ڪيو وڃي. ان موقعي صفدر عباسي حيدرآباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عھديدارن صدر خالد کوکر، جنرل سيڪريٽري حميد رحمان ۽ ٻين مبارڪون پيش ڪيون.