اڄ خميس ڏينهن حڪومتي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ ٽيون اهم اجلاس ٿيندو. اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيندڙ مذاڪراتي ڪميٽين جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ پنهنجا مطالبا لکت ۾ حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي حوالي ڪندي، جنهن جي پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي کي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان اجازت ڏئي ڇڏي آھي. مذاڪراتي ڪميٽين اڄ ٿيندڙ اجلاس جنهن نموني دير يا التوا جو شڪار ٿيو ان مان لڳي رهيو هو ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو عمل ڊيڊ لاڪ جو شڪارٿي ويو آھي، ڇو ته ٻئي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ مذاڪراتي ڪميٽي جي ان موقف کي تسليم ڪيو ويو هو ته پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي کي لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ عمران خان سان مشاورت ڪرڻ ۽ ان کان منظوري وٺڻ جي ضرورت آھي پر پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي جو موقف هو ته کين عمران خان سان ڪجھ وسيع جاءِ تي ملاقات ڪرائڻ سان گڏ ملاقات دوران ايجنسين جي موجودگي يا آواز رڪارڊ ڪندڙ آلات نه هجڻ گهرجن، ان سان اسان جي مشاورتي عمل تي سمجهوتو ٿئي ٿو.
بهرحال، مامرو ڊيڊ لاڪ طرف ويندي ويندي اسپيڪر جي مداخلت ۽ ڪردار ادا ڪرڻ سبب بچي ويو، پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي جي عمران خان سان ملاقات ٿي چڪي آھي ۽ کين مطالبا لکت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ملڻ جي به ڪميٽي ميمبر تصديق ڪري چڪا آھن، ڏسجي ته پي ٽي آءِ جي مذاڪراتي ڪميٽي جا ميمبر زباني مطالبا هن وقت تائين ٿيل مذاڪرات جي ٻنهي دورن دوران پيش ڪندا رهيا آھن ان ڪري هاڻي مطالبا ڪهڙا هوندا وارو مامرو ڪو سرپرائيزنگ نه رهيو آھي. پي ٽي آءِ پاران اڄ ٻه مطالبا پيش ڪيا ويندا، جن ۾ پهريون مطالبو عمران خان سميت سياسي قيدين جي آزادي ۽ انهن جي ضمانتن ۾ حڪومت پاران وڌيون ويندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ آھي، ٻيو مطالبو نو مئي 2023 ۽ 26 نومبر 2024 جي واقعن جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو آھي، پي ٽي آءِ پاران لکت ۾ مطالبا پيش ٿيڻ تائين مطالبن ۾ تبديلي به اچڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته مطالبن بابت شرطون به سامهون اچڻ جو چٽو امڪان آھي. ڏسجي ته پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جانچ لاءِ رڳو عدالتي ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪري ٿي يا وري ان ڪميشن ۾ ڪهڙا جج شامل هجڻ گهرجن جو به مطالبو ڪيو وڃي ٿو. مان نٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ ڪميشن ۾ ڪهڙا جج هجن وارو مامرو حڪومت تي ڇڏي ڏئي، ان ڪري اهو مامرو اهڙو آھي جنهن تي ڌرين ۾ اختلاف به ٿي سگهن ٿا ته ججن جي نالن تي اتفاق لاءِ وقت به لڳي سگهي ٿو پر اهو مرحلو تڏهن ايندو جڏهن حڪومت ٻنهي واقعن تي عدالتي جاچ ڪرائڻ تي اتفاق ڪري، ان بعد ئي ججن جي نالن تي غور جو مامرو يا مرحلو ايندو.
حڪومتي ذريعا ته اهو ٻڌائي رهيا آھن ته حڪومت وٽ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جا ثبوت موجود آھن، انهن ٻنهي مامرن ۾ پي ٽي آءِ کان حڪومت جو ڪيس وڌيڪ مضبوط ۽ ثبوتن سان گڏ آھي، ان ڪري حڪومت جو ڪميشن جي قيام تي ڪو اعتراض سامهون اچڻ جا امڪان گهث آھن پر جيئن پي ٽي آءِ مذاڪراتي ڪميٽي لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ کان اڳ عمران خان جي منظوري کي ضروري ۽ لازمي سمجهو ائين حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي جنهن ۾ سمورين اتحادي پارٽين جا ميمبر شامل آھن انهن کي به پنهنجي پنهنجي قيادت سان مشاورت ۽ منظوري ضرور وٺڻي پوندي، اهو ئي سبب آھي ته اڄ پي ٽي آءِ جي لکت ۾ مطالبن جي پيش ٿيڻ بعد گهڻو امڪان اهو ٿو نظر اچي ته حڪومتي ڪميٽي جا ميمبر پارٽين سان مشاورت ڪري پي ٽي آءِ جي مطالبن تي جواب ڏيڻ جو موقف اختيار ڪيو ويندو ۽ اهڙو موقف اختيار ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ لاءِ اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ ئي مامرن کي حتمي صورت ڏيڻ جي ضد ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.
ڏسڻو اهو آھي ته حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي ڪيترا ڏينهن مشاورت لاءِ گهري ٿي ۽ پي ٽي آءِ ڪيترا ڏينهن ڏيڻ تي راضي ٿئي ٿي. باقي اهو واضح طور نظر اچي رهيو آھي ته 31 جنوري پي ٽي آءِ جي ڊيڊ لائين آھي ان کان اڳ اگر مامرا طئه نه ٿيا يا ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ رستو هموار نه ٿيو ته پوء شايد اڄوڪي اجلاس بعد ٻئي نشست ۾ پي ٽي آءِ ويهڻ لاءِ راضي نه ٿي سگهي.
پي ٽي آءِ پاران ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ يا هر مامري جو حل پنهنجي مرضي ۽ منشا موجب ئي ڪڍي ڏيڻ وارو رويو ڳالهين کي ڊيڊ لاڪ طرف وٺي ويندو، جنهن بابت حڪومت جا ڪئي اهم وزير اظهار به ڪري رهيا آھن، پي ٽي آءِ پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ علامتي يا ٽوڪن شرڪت ڪرڻ جنهن دوران او او او جا نعرا لڳائي گوڙ ڪري ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ايوان مان نڪري هليو وڃڻ جو رويو حڪومت کي چيڙائي رهيو آھي، خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ چئي چڪو آھي ته اگر هن جو رويو اهو ئي رهڻو آھي ته پوءِ مذاڪرات جي ڊرامي کي بند ڪيو وڃي، هي پاڻ چوندا هئا ته حڪومت سان نه پر جن وٽ طاقت آھي انهن سان ڳالهيون ڪندا پوءِ وڃي انهن سان ڳالهيون ڪن.
نه رڳو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج تي حڪومت جو اهم وزير خواجه آصف جو اهو موقف آھي پر هو ته ڳالهين دوران عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي جاري ٿيندڙ سخت بيانن بعد به اهو چوندو رهيو آھي ته اهڙن بيانن بعد ڳالهيون بي معنيٰ آھن پر سخت کان سخت بيان ڏيڻ کان نه عمران خان پاڻ کي روڪي رهيو آھي نه ئي پي ٽي آءِ ڳالهين دوران سيز فائر ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪري رهي آھي ٿيندو ته اهو آھي ته جڏهن ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون آھن، تڏهن اهي سيز فائر ڪندا آھن ۽ ڪا به ڌر اڳرائي نه ڪرڻ جي يقين دهاني ۽ ضمانت ڏيندي آھي پر هي انوکيون ۽ منفرد ڳالهيون ٿي رهيون آھن، جنهن دوران ڪا به ڌر سياسي گرمي پد کي گڏ ڪرڻ ۽ ڳالهين تائين سخت بيان ڏيڻ کان پاسو نه ڪري رهي آھي، اهو ئي سبب آھي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ قائم دائم آھي، پي ٽي آءِ جي هڪ ڌڙي جو خيال آھي ته اگر ڳالهين جي عمل ڪري سياسي ڪشيدگي ختم ٿيڻ جو تاثر پروان چڙهي ٿو ته اهو عمل حڪومت جي ڪاميابي ۽ پي ٽي آءِ جي ناڪامي آھي اگر ڇڪتاڻ برقرار رهي ٿي ته سياسي عدم استحڪام جا معيشت سوڌو حڪومت تي ناڪاري اثر مرتب ٿين ٿا ڪنهن سان حڪومت جا مسئلا ختم نه پر وڌي سامهون اچن ٿا ۽ حڪومت پريشان ٿي ٿي ڏسجي ته ملڪ اندر سياسي ڪشيدگي جي قيمت ڪنهن به حڪومت نه پر ملڪ ۽ ان جي عام ماڻهن پئي برداشت ڪئي آھي.
اصل ۾ سياسي عدم استحڪام سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا عام ماڻهن جو ساھ گهٽين ٿا، انهن جي زندگي مشڪل کان مشڪل ترين بنائين ٿا پر عوام جي نالي تي سياست ڪندڙ ڌريون عوام جي فائدي لاءِ سياسي مفادن جو نقصان ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن اهو ئي سبب آھي جو نه ميثاق معيشت تي اتفاق ٿي ٿو نه ئي چند پاليسي مامرن تي اتفاق راءِ پيدا ٿي رهي آھي سياسي مفاد اول ۽ آخر واري معلوم ناهي ته سياسي ڌريون پاليسيون ڪيستائين هلائينديون پر اهو ضرور معلوم آھي ته سياسي ڌريون ماضي جي غلطين مان سبق پرائڻ لاءِ تيار نه آھن ۽ پنهنجي پنهنجي سياسي ايجنڊا تحت اڳتي وڌڻ گهرن ٿيون پر ڳالھ ٻولھ ذريعي مسئلن جي حل جو هڪ مڃيل اصول اهو آھي ته ڪجھ وٺڻو ۽ ڪجھ ڏيڻو پوندو آھي اگر ڳالهيون ڪندڙ ڌريون اهو خيال ذهن ۾ رکي ڳالهيون ڪن ته سئو سيڪڙو مونکي ڪاميابي ملي ۽ مخالف سئو سيڪڙو ناڪام رهي ته ڳالهين جو عمل انهي ذهنيت سان اڳتي نه وڌندو آھي.
هڪ ڏينهن اڳ منهنجي اپوزيشن ليڊر عمرايوب خان سان ان جي چيمبر ۾ ملاقات ٿي ان کان پڇيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ، سنڌ ۽ بلوچستان مان مقرر اليڪشن ڪميشن جا ميمبر 26 جنوري تي رٽائر ٿي رهيا آھن ڇا نئين چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻن ميمبرن جي مقرري لاءِ اوهان سان وزير اعظم مشاورت ڪئي آھي ته عمر ايوب خان جو جواب هيو ته مونسان رابطو نه ٿيو آھي پر مون فيصلو ڪيو آھي ت فارم 47 جي حڪومت جي وزير اعظم سان مان سڌي ريت رابطو نه ڪندس مان اسپيڪر کي خط لکي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندس، ائين ئي ٿيو آئين تحت اگر وزير اعظم اپوزيشن ليڊر سان هن وقت تائين مشاورت لاءِ رابطو نه ڪيو آھي ته اپوزيشن ليڊر وزير اعظم کي خط لکي ها پر ان اسپيڪر کي اربع ڏينهن خط اماڻي ڇڏيو آھي اليڪشن ڪميشن جهڙي وڏي اداري جنهن ۾ جيڪو هن وقت چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر مقرر ٿيندا انهن کي هي اسيمبلي مدت پوري ڪري يا مڊٽرم چونڊ ٿي ان جي نگراني ۾ ئي چونڊ ٿيندي.
ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ صاف شاف ۽ منصفاڻيون چونڊون انتهائي ضروري آھن ۽ اهي تڏهن ٿي سگهن ٿيون جڏهن غير جانبدار اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر مقرر ٿين انهي اهم ترين مامري تي اپوزيشن ليڊر آئين ۾ ڏنل ڊيوٽي نڀائڻ بجآءِ سياسي مفاد کي سامهون رکي فيصلو ڪري ٿو سوال هي آھي ته بقول اپوزيشن ليڊر جي ته هي فارم 47 جي حڪومت آھي ته پوءِ ان حڪومت جي وزير اعظم پاران جوڙيل مذاڪراتي ڪميٽي سان پي ٽي آءِ ڇو ڳالهيون ڪري رهي آھي، ڇا ان سان ڳالهيون ان ڪري ٿي رهيون آھن، جيئن بيڪ ڊور ڳالهين کي هن ظاهري ڳالهين جي فورم تان ٽپو هڻائي سگهجي اگر ائين نه آھي ته جنهن کي فارم 47 جي حڪومت قرار ڏنو پيو وڃي، ان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪا ته مجبوري هوندي، جنهن تي پردا پوشي ڇو پئي ڪئي وڃي، اپوزيشن ليڊر مون سان ڳالھ ٻولھ دوران جنهن جي مون وڊيو رڪارڊنگ به سندس اجازت سان ڪئي آھي. اهو اعتراف ڪيو ته موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو ڪنهن ٻئي هنڌان آيو جن ان جو نالو ڏنو، انهن کيس استعمال ڪيو، موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏي غلطي هئي، اپوزيشن جي ليڊر کي اهو ان وقت سوچڻ گهرجي ها ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ نالو تجويز ڪرڻ آئيني طور تي ان جو بطور وزير اعظم اختيار هيو ان اختيار کي ڪنهن ٻئي کي مداخل ڪرڻ لاءِ کيس ڪلهو استعمال ڪرڻ نه ڏئي ها پر سمجهوتن سبب ائين اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو رهيو آھي.
ملڪي سياست جو حال ڏسي لڳي ٿو ائين ٿيندو به رهندو فرق صرف اهو ٿيندو ته هن وقت غلطين جو اعتراف پي ٽي آءِ ڪري رهي آھي، ڪنهن وقت نيب چيئرمين جي مقرري تي غلطي جو اعتراف پيپزپارٽي ڪيو هو، ايندڙ وقت ۾ غلطين جو ڪو ٻيو اعتراف ڪندو، نتيجي ۾ جيڪي سياسي ڌرين کي وقت آهر استعمال ڪندا آھن، انهن کي هر وقت ڪلها پيش ڪندڙ جهجهي تعداد ۾ ملندا رهندا.