حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۾ فرق ٿي سگھي ٿو پر ائين ناهي ته اهي هڪ پيج تي نه آهن:شيخ رشيد

0
117
حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاد اڪبر وچ ۾ ناراضگي جو سبب نواز شريف جي پرڏيهه موڪليل رقم واپس نه آڻڻ آهي

برطانوي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ملڪ جو فائدو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان هڪ پيج تي هجن، وزيراعظم عمران خان ۽ فوجي قيادت ۾ ڪو به اختلاف ناهي ۽ فوجي قيادت فيصلو ڪيو آهي ته هو چونڊيل حڪومت سان گڏ بيٺي آهي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۾ فرق ٿي سگھي ٿو پر ائين ناهي ته اهي هڪ پيج تي نه آهن

هن چيو ته حڪومت مان طرفان اچي ٿو ته عدالتن ۾ ڪيس کڻي وڃڻ وقت مناسب تياري نه ڪئي وئي هئي، چورن، ڌاڙيلن، ڪرپٽ ۽ بد ديانت ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ عمران خان کي ووٽ مليا، احتساب عمران خان جو سڀ کان وڏو نعرو هو پر اسان کي اها ڪاميابي نه ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها

برطانيا سان قيدين جي مٽاسٽا بابت گهرو وزير چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ جوابدارن ۽ ڏوهارين کي واپس آڻڻ لاءِ معاهدي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، حڪومت نواز شريف کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسان نواز شريف کي پاڻ موڪليو اها اسان جي غلطي آهي

هن چيو ته نواز شريف سڀني جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ  ۾ ڪامياب ٿي ۽ ٻاهر هليو ويو، حڪومت انهن ماڻهن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪي عدالتن ۽ حڪومت کي گهربل آهن، ڪيترين ئي ڪوششن باوجود اسحاق ڊار جي واپسي ممڪن ناهي ٿي سگهي

احتساب بابت اڳوڻي صلاحڪار جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ ۽ وزيراعظم جي ناراضگي جو سبب نواز شريف کي واپس نه آڻڻ سميت رقم واپس به نه آڻڻ آهي

هن چيو ته اربين جي ڪرپشن ڪئي وئي، هر ملازم جي اڪائونٽ مان 4 ارب رپيا ڪڍيا پيا وڃن، شهباز شريف تي 16 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام هو پر اسان ان جا به پئسا نه آڻي سگهياسين

هن جو چوڻ هو ته احتساب جي عمل ۾ هر جڳهه تي بهتري جي گنجائش آهي، اسان کي بهتر ڪيسز تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سٺا وڪيل هجن، عمران خان ۾ نيت جي کوٽ ناهي، هن چيو ته اين آر او ڏيڻ غداري هوندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پاڪستان وٽ دهشتگردن سان وڙهڻ ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو تمام سٺو نظام آهي، خدشو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٻن مهينن تائين وڌندا پر دهشتگردي جي هن تازي لهر تي ضابطو اچي ويندو

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان جنگ بندي ختم ٿيڻ جي حوالي سان شيخ رشيد جو چوڻ هو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪري رهي هئي، اهڙن خطرناڪ قيدين جي آزادي ممڪن ناهي، ان ڪري ٽي ٽي پي جا مطالبا نٿا مڃي سگهون

هن چيو ته اسان ٽي ٽي پي کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي پر ٽي ٽي پي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت جي اهم گڏجاڻي: سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالھيون