
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي آءِ اي جي نجڪاري ڊسمبر تائين مڪمل ڪئي ويندي، حڪومت آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي ڇڏي، آءِ ايم ايف ۽ حڪومتي ٽيم وچ ۾ ٽئين ڏينهن به ڳالهيون جاري رهيون، حڪومتي ٽيم آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري لاءِ مالي صلاحڪار مقرر ٿي ويو آهي، آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيسڪو جي نجڪاري هلندڙ سال مڪمل ڪرڻ جو هدف آهي، ٻئي مرحلي ۾ حيسڪو، سيپڪو ۽ پيسڪو جي نجڪاري ٿيندي، عالمي مالياتي اداري کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نندي پور پاور پلانٽ جي نجڪاري 2026ع تائين ڪرڻ جو هدف آهي، منافعو ڏيندڙ سرڪاري ڪمرشل ادارن جي نجڪاري پهرين ترجيح آهي، رياستي ادارن ۾ حڪومتي اثر گهٽ ڪري خانگي سيڙپڪاري ترجيح آهي، پبلڪ شعبي ۾ رائٽ سائيزنگ جو ڪم ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وفد ۾ نئين بجيٽ بابت مشاورت جاري آهي، آءِ ايم ايف کي ڊيٽا فراهم ڪئي وئي، آءِ ايم ايف کان معاشي بحالي لاءِ مختلف شعبن ۾ رعايتون گهريون ويون پر آءِ ايم ايف پاران بعد ۾ فيصلو ڪيو ويندو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف صوبن جا خرچ گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ صوبن جي آمدني وڌائڻ جو شرط رکيو آهي، زرعي انڪم ٽيڪس وصولي لاءِ سمورا قدم به کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان في الحال ڪي به شرط طئي نه ٿيا، ڊيٽا ۽ حڪمت عملي ڏسي پوءِ فيصلو ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف ڪنهن ٽيڪس رعايت کي هيل تائين رد ناهي ڪيو.