سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر چاهي ٿي ته حڪومت ڪري پوي، اسان حڪومت ڇڏڻ سان انهن کي فري هينڊ ملي وڃي، پوءِ اوهان ئي چوندا ته صوبو ڇڏي ڏنو الله نه ڪري ڪئنال ٺهي ويا. مخالف ڌر جي چوڻ تي حڪومت نه ڪرائينداسين، اسان حڪومت ڇڏي ته حڪومت ڪري پوندي پوءِ اليڪشن يا ڪجهه ٻيو به ٿي سگهي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي ڪئنالن واري تڪراري منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي آهي، اهو پنجاب حڪومت جو هڪ طرفه فيصلو آهي جيڪو آئيني ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. پيپلز پارٽيءَ خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ميڊيا کان شڪايت آهي ته هو اهڙيون خبرون هلائي رهيو آهي. هڪ سوال ڪيو ويو ته چاليهه سيڪڙو ڪئنالن جو ڪم ٿي ويو آهي. منهنجي ڄاڻ مطابق هڪ سيڪڙو به ڪم ناهي ٿيو. هن ملڪ جو آئين چوي ٿو ته جيستائين سب صوبا متفق نه ٿيندا تيستائين ڪو ڪئنال نٿو ٺهي سگهي. 2018ع ۾ هن منصوبي جي فزيبلٽي ٺاهي وئي، ارسا درخواست 2018ع کان پهريان ڏني هئي. پاڪستان پيپلز پارٽي ان غير قانوني ڪينالن جي تعمير جي اجازت نه ڏيندي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪو به صوبو گڏيل مفادن جي ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ سڀني صوبن جي اتفاق کانسواءِ پاڻي جو منصوبو پاڻ ئي شروع نٿو ڪري سگهي. وڏي وزير انڊس ريور سسٽم اتارٽي (IRSA) کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ته هن 17 جنوري 2024ع تي پاڻي جي دستيابي بابت هڪ گمراھ ڪندڙ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو هو. هي سرٽيفڪيٽ غلط ۽ غير ذميواراڻو هو، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي آبي حقن جي تحفظ لاءِ انکي چيلينج ڪيو آهي. وڏي وزير موجوده پاڻي جي کوٽ بابت انگ اکر پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 11 ايم اي ايف پاڻي جي گهٽتائي آهي. هنن سوال اٿاريو ته سال 1999ع کان 2024ع تائين رڳو 4 سال پاڻي سمنڊ تائين پهتو. جيڪو پاڻي سمنڊ ۾ ويندو آهي ان جو حصو ڏنو وڃي ان باوجود 8 سيڪڙو پاڻي بچي ٿو. ڄاڻايل 8 سيڪڙو پاڻي پنجاب کي ڏيڻ جي رپورٽ ڏني وئي. اهڙين حالتن ۾ نوان ڪينال ٺاهڻ جو ڪهڙو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو؟. جيڪي ماڻهو هن وقت پيپلز پارٽي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن انهن کي سڄاڻو، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ جلسا ڪندا هئا. چيو پيو وڃي ته صدر آصف علي زرداريءَ سمري تي صحي ڪئي آهي، صدر آصف زرداري اهڙِي ڪنهن به سمري تي صحي ناهي ڪئي. پاني بچائڻ لاءِ صدر زرداري جي حڪم تي ڪئنالن جي لائننگ ڪئي پئي وڃي، صدر کي ڪو اختيار ناهي ته هو ڪنهن سمري تي صحي ڪري. جڏهن پروگينڊا وڌي وي ته صدر اسيمبلي ۾ خطاب ڪري پروجيڪٽ جي مخالف ڪئي ۽ تڪراري ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته 218 ارب رپيا پنجاب حڪومت اِن منصوبي لاءِ مختص ڪيا جن مان صرف 10 لک رپيا منصوبي لاءِ رکيا، اهي ڏهه لک به خرچ ناهن ڪيا ويا. گرين پاڪستان انشيٽوَ وارن ٽيوب ويلز جي ذريعي زمين آباد ڪئي آهي. چار کان پنج سو فوٽ جو نوشه ڪڍيو آهي. چيو پيو وڃي ته ڪئنالن ۾ پاڻي ۾ شروع ٿي ويو آهي. پاڻي ڪٿا اچي ويو. گوگل اميجز تي اوهان تازو نقشو ڏسي سگهو ٿا. انهن جو ڪئنال ٺاهڻ جو ارادو ضرور آهي پر بلوچستان اسان سان گڏ آهي. وڏي وزير چيو ته پاڻي جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ زير زمين پاڻي جي سروي ڪري رهيا آهيو، مخالف ڌر چاهي ٿي ته هي حڪومت ڪري. حڪومت ڇڏي ڏيون جيڪڏهن هنن ڪئنال ٺاهي ڇڏيا ته پوءِ به اسان تي الزام لڳندو ته اسان حڪومت ڇڏي انهن کي ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت ڏني آهي. جيڪڏهن حڪومت ڇڏي ڏيون ته ڪري پوندو ۽ پوءِ اليڪشن ٿيندي. ڪئنالن وارو منصوبو رڪيل آهي. نگران حڪومت منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ صدر آصف علي زرداري هن سان لاڳاپيل ڪنهن به سمري جي منظوري نه ڏني آهي. هن چيو ته سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ ضروري آهي، سنڌ حڪومت جون مهيني ۾ سي سي آءِ ۾ هن منصوبي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا. امن ۽ امان بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه عوام کي خاطري ڪرائي ته شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ لا اِن آرڊر جا مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ ڄاڻايل ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس آپريشن جاري آهي شڪارپور ۾ تمام گهڻي صورتحال خراب ٿي وئي هئي. جنهن تي ڪنٽرول آندو ويو آهي ائين نٿو چوان ته مڪمل ڪنٽرول ٿي ويو آهي. ڪشمور ۾ ٻارڙو راجيش اغوا ٿيل آهي، ڌاڙيلن جو گيهرو تنگ ڪيو ويو آهي، ڏوهارين جي ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هنن ڪسٽم آفيسرن کي اغوا ڪيو آهي. جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. انشاءَ الله جلد راجيش ۽ انهن کي بازياب ڪرايو ويندو. سکر ۾ بدامني متعلق هو آگاهي وٺندو. سکر ۾ پيش آيل حادثي متعلق به پروپيگنڊا هلايو ويو، هر ڳالهه تي پ پ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.