اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا چيو آهي ته حڪومت سينيٽ چيئرمين پاران سينيٽرز جي جاري ڪيل پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ آئيني ۽ پارلياماني اٿارٽي جي واضع خلاف ورزي آهي ۽ قابل مذمت آهي. جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ رضا رباني چيو ته ڄاڻايل آرڊر تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڄاڻايل حڪم تي ڄاڻي واڻي عمل نه ڪرڻ توهين آميز آهي. استحقاق واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جوابدار آفيسرن کي توهين جو مرتڪب قرار ڏئي انهن کي ملازمت مان برطرف ڪرڻ جي سزا ڏئي. اهڙي طرح جن آفيسرن سينيٽ چيئرمين کي هڪ ٻئي گرفتار سينيٽر جي گرفتاري ۽ ان جي سببن کان آگاهه نه ڪيو، انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ڄاڻي واڻي ضابطن جي خلاف ڪم ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سينيٽ جي چيئرمين سان گڏ بيهڻ گهرجي ڇو ته اهو پارلياماني اٿارٽيءَ جو معاملو آهي.