اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا توانائي شعبي جي گردشي قرض کي ختم ڪرڻ لاءِ مالي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي، منظور ٿيل پلان تحت 1275 اربن تائين  گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ ڪمرشل بينڪن کان قرض ورتو ويندو، رقم 6 سالن ۾ بينڪن کي وياج سميت واپس ڪئي ويندي ، هر سال بينڪن کي 323 ارب ادا ڪيا ويندا ،گردشي قرض جي رقم صارفين کان سرچارج ذريعي وصول ڪئي ويندي.  جڏهن ته وفاقي ڪابينا  انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي ڪمال الدين ٽپو کي جرنلسٽن ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ لاءِ قائم ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ، 21 مئي 2025 تي قانون بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني آھي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي اڳ ئي ٻڌايو هو ته زراعت تي ٽئڪس نه لڳايو ويندو، پاڪستان جي زراعت هينئر شديد دٻاءُ هيٺ آهي، آءِ ايم ايف به پاڪستان جي اها ڳالهه مڃي ورتي، وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ادارن جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، ملڪ ۾ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بجٽ 26/2025 سڀني اتحادي پارٽين ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي، هاري دوست بجيٽ آهي، هن چيو ته 6 کان 12 لک آمدنيءَ تي صرف هڪ سيڪڙو انڪم ٽيڪس لاڳو ٿيندو. گذريل سال اهو ٽيڪس 5 سيڪڙو هو، وزير اعظم سرڪاري ملازمن جي پگهارون ۾ 10 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو. پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو 1000 ارب رپين تائين وڌايو ويو،بنيادي ڍانچي، صحت، تعليم ۽ توانائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وئي.