اسلام آباد (م ڊ) حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس 22 نومبر کان رينجرز ۽ ايف سي جا 9 هزار اهلڪار گهري ورتا آهن، جڏهن ته پوليس اختيارين طرفان اينٽي رائٽس ڪٽس به طلب ڪيون ويون آهن. اسلام آباد ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 به لڳايو ويو آهي، احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي ادارن کي تيار رهڻ ۽ وڏي نفري مقرر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، گهرو وزارت جي ذريعن موجب شرپسندن خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد سوڌو ٻين شهرن ۾ افغان پناهگيرن جي ڪيمپن جي جيوفينسنگ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي، احتجاج دوران شرپسندي ڪندڙ شاگردن جا تعليمي سرٽيفڪيش ۽ داخلائون رد ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، احتجاج ۾ شامل شرپسندن جا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ، موبائل فون سم بلاڪ ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.