حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان

0
392

وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ناڻي واري وفاقي وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 4 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 281 رپيا 34 پئسا في ليٽر ٿي ويندي

ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 47 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 296 رپيا 71 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

گاسيءَ جو تيل 6 رپيا 5 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 204 رپيا 98 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت 9 رپيا 45 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 180 رپيا 45 پئسا في ليٽر ٿي ويندي

پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا